اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پ پ اڳواڻ رضا رباني قومي اسيمبلي ۾ سينيٽ مان ٻه ڏينهن اڳ بل پاس ٿيڻ کي پارلياماني تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏئي ڇڏيو، هن هٿياربند فوجن جي سربراهن جي مدي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي تعداد بابت ترميمي بل جي منظوري تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته خوفزده پارليامينٽ جو وجود هميشه خطري ۾ هوندو آهي، هن چيو ته اهڙو قدم پارليامينٽ جي بالادستي نه پر خوف جي عنصر کي اجاگر ڪري ٿو، قانون سازي سان عدليه ۽ هٿياربند فوج تي گهرا اثر پوندا، پارلياماني ۽ جمهوري اصولن تي عمل نه ڪرڻ تي تاريخ اسان جو احتساب ڪندي، هن چيو ته حڪومت اهم ڪردارن کي معطل ڪري قانون سازي ڪئي، اهي بل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽين ڏانهن موڪلڻ گهرجن ها جتي انهن جي اثرن تي غور ڪيو وڃي ها.