نوابشاهھ ( ڊ ر ) فرسٽ ايڊيشنل ماڊل ڪورٽ شھيد بينظيرآباد جي عدالت ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاھري جي ڀيڻ حميدا ڏاھري پنھنجي وڪيل مختيار رند ۽ وڪيل سچل مجيب ماڇي ذريعي درخواست داخل ڪئي ته منھنجي ڀائرن اسمائيل ڏاھري ۽ علي رضا ڏاھري سان ملاقات نه ٿي ڪرائي وڃي لاڙڪاڻو ۽ سکر جيل انتظاميا پاران وڪالت ناما به صحيح نه ٿي ڪرائي ڏئي جنھن بعد عدالت 12 نومبر ضمانت جي تاريخ مقرر ڪري سکر ۽ لاڙڪاڻي جيل انتظاميا کي حڪم ڪيو ته جيڪڏھن جوابدارن جي فزيڪل حاضري نٿي ٿي سگھي ته وڊيو لنڪ ذريعي اپيئرنس ڪرائي وڃي ان موقعي تي وڪيل مختيار رند ۽ وڪيل سچل مجيب ماڇي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان محمد اسماعيل ڏاھري ۽ سندس ڀاءُ علي رضا ڏاھري جي ضمانت جي درخواست ڏني آهي جنهن تي اسان وڪالت نامو لاڙڪاڻو ۽ سکر جيل انتظاميا ڏانهن موڪليو ھيو جيڪو اڃا تائين صحيح ٿي نه مليو آهي انهي ڪري عدالت 12 نومبر 2024 جي تاريخ ڏني آهي ۽ سکر ۽ لاڙڪاڻي جيل انتظاميا کي پابند ڪيو آهي ته 12 نومبر تي وڪالت نامو صحيح ڪرائي موڪليا وڃن ۽ محمد اسماعيل ڏاھري ۽ ڀاءُ کي جيڪڏهن روبرو پيش نه ٿو ڪري سگهجي ته انهن کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪيو وڃي.