ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياهھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهھ سيوهڻ شهر ۾ حيسڪو پاران پارٽي ڪارڪنن عبدالحڪيم بڙدي،محمد خان سولنگي ۽ ٻين شهرين خلاف ڪوڙي ۽ من گھڙت ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته حيسڪو چيف کان وٺي سمورو ادارو ڪرپشن ۾ ملوث آهي ۽ انهن کي حڪومت عوام تي مڙھي ڇڏيو آهي، ڪراچي مان جاري ڪيل پنهنجي مذمتي بيان ۾ ايس يو پي صدر سيد زين شاھ چيو ته حيسڪو چيف کان وٺي لائن سپرنٽينڊنٽ تائين پئسن تي مقرري ڪئي ويندي آهي جنهن سبب حيسڪو جا ملازم پنهنجي نوڪري جا فرض ايمانداري ۽ سچائي سان سرانجام نٿا ڏين، هن چيو ته 4 ڏينهن اڳ سيوهڻ شهر ۾ حيسڪو پاران 12 ڪلاڪن جي ظالماڻي لوڊشيڊنگ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ هزارين ماڻهن سان گڏ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو هو جنهن تي ڪرپٽ حيسڪو انتظاميا مسئلو حل ڪرڻ بدران ڪريل حڪمت عمليون استعمال ڪرڻ تي لهي آئي ۽ ايس يو پي ڪارڪنن ۽ ٻين شهرين تي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي آھي،سيد زين شاھ چيو ته اسان کي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جڏهن به عوام پنهنجي حقن ۽ جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج ڪندي آھي ته سنڌ حڪومت سميت وفاقي ادارا به سياسي انتقامي ڪاروايون ڪرڻ لاءِ ۽ عوام کي هيسائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائن ٿا جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.