اسلام آباد (عمر چيما) چيف جسٽس يحييٰ آفريدي هاڻي انهن ججن کي منهن ڏئي رهيو آهي جن کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ منهن ڏيندو رهيو آهي. چيف جسٽس کين پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪاميٽي ۾ ته رکيو پر هنن کيس سرپرائيز ڏئي ڇڏيو. هن پهريان اجلاس گهرايو ۽ پوءِ خط لکي چيو ته فل بينچ آئيني ترميم وارو معاملو ٻڌي ۽ ان کي ڪاز لسٽ ۾ لڳايو وڃي. اهي ٽئي جج هڪ ٻئي سان گڏ هلندي نظر نٿا اچن. جيڪي قانون منظور ٿيا آهن، انهن ۾ اها گنجائش موجود آهي ته صدر آصف علي زرداري ججن کي ٻيهر ترتيب ڏئي. ٻن ججن اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته هو چيف جسٽس کي ڪم ڪرڻ نه ڏيندا ۽ اهڙي ريت جهيڙو شروع ٿي چڪو آهي. جڏهن جج 34 ٿي ويا آهن ته اڳتي هلي انهن ٻنهي ججن کي لڳي سگهي ٿو ته هاڻي هو اقليت ۾ آهن ته پوءِ هو استعيفيٰ ڏئي سگهن ٿا. انهن سان گڏ ٻيا ڪيترا جج آهن اها خبر ناهي.