اسلام آباد (عاصما شيرازي) جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر طرفان جڊيشل ڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ هنن خط لکيو آهي. هنن پاڻمرادو ڪميٽي اجلاس گهرائي چيو ته 26هين ترميم کي چئلينج ڪندڙ درخواستن جي معاملي کي ٻڌو وڃي. اهو چيف جسٽس جو اختيار آهي ته ڪميٽي جو اجلاس گهرائي ها ۽ فيصلو ڪري ها. هنن لکيو ته اسان ٻن ججن معاملي جي ڳنڀيرتا سمجهندي ايڪٽ جي سيڪشن 2 تحت پان ئي ججز ڪاميٽي جو اجلاس گهرائي ورتو. ڪميٽي جي فيصلي موجب 26هين آئيني ترميم کي چئلينج ڪندڙ آئيني درخواستن کي فل ڪورٽ سامهون رکيو وڃي ۽ 4 نومبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. اهو سڀ ڪجهه چيف جسٽس جي مٿان ٿي رهيو آهي، جيڪو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ٿيندو هو اهو ئي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان ٿي رهيو آهي، جيتوڻيڪ چيف جسٽس، جسٽس منصور علي شاهه جي فرمائش تي جسٽس منيب اختر کي ڪميٽي ۾ واپس آندو ۽ کين ٽيم جو حصو بڻائي هليو پر ان جو نتيجو اهو نڪتو ته جسٽس منصور جي مقرري جي 4 ڏينهن ۾ ئي اها ڪارروائي سامهون آئي. ان کي جڊيشل ڪو چئي سگهجي ٿو. چيف جسٽس لاءِ اهم چئلينج اهو به هوندو ته هو ڪيئن ذهن ساز ججن کان پري رهي ٿو. سوال اهو آهي ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر کي ڪنهن شئي جي تڪڙ آهي سندن ڪهڙا واعدا آهن،حڪومت کي جيڪي خدشا آهن اهي درست ثابت ٿي رهيا آهن. جيڪي 34 جج آهن، حڪومت جي ڪميشن ۾ اثرائتي نمائندگي آهي، جيڪڏهن پ پ سان معاملا خراب نه ٿيا ته پوءِ سڀ جج حڪومتي اتحاد جا پنهنجا هوندا. پر ان ڏس ۾ جسٽس يحييٰ آفريدي جو ڪردار اڃا وڌيڪ اهم ٿي ويندو. هن وقت تائين هن سڀ سٺي نموني معاملا اڳتي وڌايا آهن.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 06 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو