پنجاب حڪومت پي آءِ اي خريد نه ڪري رهي آهي: مريم اورنگزيب

لاهور ( بيورو+م ڊ ) پنجاب حڪومت جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پنجاب حڪومت پي آءِ اي کي خريد نه ڪري  رهي آهي، غلط خبرون پکيڙي رهيون آهن.ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب پنجاب حڪومت پاران پي آءِ اي خريد ڪرڻ جي خبرن جي ترديد ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت پنجاب ايئر لائن جي نالي سان ايئر لائن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ايئر لائين جي فزيبلٽي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، پنجاب ايئر لائن کي خانگي سيڙپڪارن جي سهڪار سان آندو ويندو، پنجاب ايئر لائين ۾ پنجاب حڪومت جا به شيئر هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.