پي آءِ اي جي نجڪاري بابت اٿندڙ سوال

پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز جو نعرو ھو تھ ”باڪمال لوڪ لاجواب سروس“  ان اداري جي ٿيندڙ نيلامي ۽ ان دوران اٿندڙ سوال حڪمرانن جي شفافيت کي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آھي. اڳواٽ اداري جي قيمت 85 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي جنھن لاءِ 6 ڪمپنين کي اھل قرار ڏنو ويو پر واڪ واري ڏينھن رڳو ھڪ ڪمپني 10 ارب جي آڇ ڏني جڏھن تھ ٻيون ڪمپنيون سامھون ئي نھ آيون. سفر جي لاءِ بسون،ريلوي ٽريڪ تي ھلندڙ ريل گاڏيون، سمنڊ جي سيني کي چيريندڙ بحري جھاز آھن ۽ ھوا ۾ اڏامندڙ ھوائي جھاز ذريعي انسان توڙي سامان سرڙو ھڪ کان ٻئي جاءِ تائين  پهچايو وڃي ٿو.

تڪڙي سفر جي لاءِ ھوائي جھاز ۽ سامان سرڙي جي لاءِ بحري جھاز کي استعمال ڪجي ٿو يا چئجي تھ سامان بحري جھاز وسيلي ۽ انسان ھوائي جھاز وسيلي وڌيڪ آساني سان سفر ڪري سگھن ٿا. جديد دنيا ۾ ھوائي جھاز جي سفر جي انڪري اھميت آھي جو ان سان وقت بچي ٿو.انسان اھا سھولت ڊگھي جدوجھد بعد حاصل ڪئي ھئي.پاڪستان جي حڪومت جي مالڪي ۾ بھ ڪيترائي ئي ادارا ھئا پر انھن سان ھڪ منظم ھٿ چراند ذريعي ڪمائي گھٽ ڪري،اداري جي سھولت گھٽائي ان کي خساري ۾ ظاھر ڪري ان کي نيلام ڪرڻ جو طريقو ڳوليو ويو. حد تھ اھا آھي جو دنيا جي سوشلسٽ ملڪ روس پاڪستان کي اسٽيل مل ان ڪري لڳائي ڏني ھئي جئين ان مان پيدا ڪيل لوھ مان پاڪستان پنھنجا ھٿيار ٺاھي پاڻ ڀرو ٿي سگھي.پر اھو ادارو بھ نھ بچي سگھيو.

انگريزن جي وقت ۾ قومي ادارن جي جوڳي پرگھرو لھڻ ۽ ان تي مقرر عملي جي ذميداري ۽ جوابدري جي سختي  ھئڻ لڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگيءَ بھتر رھي.پر پاڪستان ۾  ايندڙ آمرن جي عوام دشمن پاليسين جي ڪري ھڪ ھڪ ڪري قومي ملڪيت وارن ادارن کي وڪرو ڪري ملڪ جو ٻيڙو ھٿ سان ٻوڙڻ جو سمورو سامان تيار ڪيو ويو.اھو سلسلوتاحال بھ جاري ساري آھي.مالي تنگي وقت گھر جي ٽپڙ وڪڻڻ واري ماڻھو کي سماج ۾ بي ھمتو سڏيو ويندو آھي ۽ ائين ڪي ٽپڙ يا سامان سرڙو ذاتي ھوندو آھي تھ وري ڪي ملڪيتون قومي بھ ھونديون آھن.پاڪستان انٽرنيشنل ائير لائنز بھ ھن ملڪ جو ھڪ قومي ادارو آھي.جنھن جو ٻيڙو ٻوڙڻ بعد ھاڻي ان کي وڪري ڪرڻ جو تياريون ٿي ويون آھن.

چيو ٿو وڃي تھ انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ جي ڳرن شرطن تي ورتل قرض ھر گذرندڙ ڏينھن سان گڏ وڌي رھيو آھي ۽ جنھن ڪري اھو قرض لاھڻ جي واسطي سرڪار جي ملڪيت وارن ادارن کي نيلام ڪيو ويندو.آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي تحت پاڪستان کي گھاٽي ۾ هلندڙ ڪجهه قومي ادارن جي نجڪاري ڪرڻي آهي ۽ ان سلسلي ۾ قومي ايئر لائين جي نجڪاري بھ ٿي رھي آھي.

پرائيويٽائيزيشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان ان جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 85 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي هئي پر هڪ خانگي ڪمپني پي آءِ اي،کي صرف 10 ارب رپين ۾ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڪمپني جي ڏنل آڇ جو جائزو ھاڻي وفاقي ڪابينا ۾ ورتو ويندو. ان واڪ جي  قبول يا رد ڪرڻ بابت فيصلو بھ ڪيو ويندو.پي آءِ اي کي سالن کان خساري جو شڪار ڏيکايو پيووڃي.جنهنڪري ان کي قومي خزاني تي بار سمجھيو وڃي ٿو.ڪئين حڪومتن پاران انتظامي تبديلين ذريعي ان اداري کي بهتر ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام ڄاڻايو ويون آهن.

هاڻي پي آءِ اي جي وڪري لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي پر پيش ڪيل رقم حيرت انگيز حد تائين گهٽ آھي. جنھن کي رد ڪرڻ ۾ دير ڪئي پئي وڃي.نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او پي)  پي سي بورڊ پاران پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ۾ 60 سيڪڙو حصيدارن جي ورهاست لاءِ تجويز ڪيل ريفرنس پرائس جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. جڏهن ته واڪ کي دستاويز جي شرطن ۽ شروطن سان مشروط ڪيو ويو آھي .

حيرت آھي تھ وفاقي ادارن وٽ ان سوال جو ڪو جواب نھ آھي تھ 85 ارب رپين واري اداري جو واڪ ڪنھن ڪمپني 10 ارب ڪھڙي ريت ڏنو آھي.پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله حفيظ خان ٻڌايو ته قومي ايئر لائين وٽ هن وقت 33 جهاز آهن، جن ۾ 17 اي 320، 12 بوئنگ 777 ۽ چار اي ٽي آر شامل آهن.هن چيو ته حڪومت طرفان مقرر ڪيل قيمت پي آءِ اي جي ڪل بڪ ويليو تي ٻڌل هوندي آهي، جڏهن ته اثاثن جي اصل قيمت ڪتابي قيمت کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي ڇو ته بڪ ويليو جو حساب سالياني ويليو  ۾ گهٽتائي کان پوءِ ڪيو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مارڪيٽ جي ويليو  جي ڪري اصل قيمت ڪتابي قيمت کان تمام گهڻي ٿي سگھي ٿي.

هن وقت پي آءِ اي جي ڪل اثاثن جي ڪتابي قيمت 165 ارب رپيا آهي ۽ 60 سيڪڙو شيئرز جي ماليت 91 ارب رپيا آهي. حڪومت خريدارن کي راغب ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 85 ارب رپيا مقرر ڪئي.اھڙن وڏن ادارن ۾ ڪيترائي ئي ملازم بھ پنھنجي روزگار سان لڳل ھوندا آھن ۽ نجڪاري جي صورت ۾ انھن جي نوڪري جي ڪا بھ ضمانت نھ ھوندي آھي.جنھن ڪري اڳي ئي معاشي ابتري واري ھن ملڪ ۾ بي روزگارن جي فوج ۾وڌيڪ اضافي جو امڪان آھي. ھن وقت پي آءِ اي جي اداري ۾ ست ھزار ملازم ڪم ڪري رھيا آھن.جن جو مستقبل بھ داءَ تي لڳي ويو آھي.

نجڪاري ڪميشن پي آءِ اي، جي وڪري لاءِ شروع ۾ 6 ڪمپنين کي اهل قرار ڏنو هو پر، صرف هڪ  ڪمپني واڪ جمع ڪرايو.جيڪا بليو ورلڊ سٽي آھي.ان ڪمپني ايتري گهٽ قيمت جو واڪ ڏنو جو ٻيو ڪو خريدار نه آيو.خريدار ڪمپني اداري جي حوالي سان سوين نقصن جي بھ نشاندھي ڪئي آھي، پر ميڊيا پاران اھو سوال تھ اداري جي صورتحال بھتر نھ آھي تھ پوءِ  اھو ڇو خريد ڪري  رھيا آھن ان جو جواب ڏيندي ٻڌايو ويو تھ پاڪستان جي خراب معاشي صورتحال جي لاءِ ھو ڪجھھ ڪرڻ چاھين ٿا.پاڪستان جي معاشي بحالي لاءِ ميدان ۾ آيا آهيون. سمجهھ ۾نٿو اچي تھ حڪمران ملڪ کي معاشي ڌٻڻ مان ڪڍڻ چاھين ٿا يا ان ۾ وڌيڪ ڌڪڻ چاھين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.