محمد عثمان ميمڻ جي ڪتاب ” سنڌو تهذيب جا ماڳ“ جو مختصر اڀياس

تحرير: امين جويو

احسان احمد ميمڻ پاران ترتيب ڏنل محمد عثمان ميمڻ جو تازو ڇپيل هي ڪتاب ، هن ئي سال 2024ع ۾ سنڌ حڪومت جي قديم آثارن واري کاتي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي . هي ڪتاب سنڌو سڀيتا جي اهم ماڳن ۽ انهن جي ٿيل کوٽائين جي تفصيل تي مشتمل آهي. هن جي پهرئين حصي جو عنوان ” سنڌو تهذيب جي ماڳن جون کوٽايون “ آهي ، هن حصي ۾ ؛ ادي بدري ، انجيرا ، اونگر ، برهمڻ آباد ، بنا والي ، بهم جو دڙو ، ڀانڊا قبا ، ڀرانا ، ڀنڀور ، جليل پور ، جهڏير جو دڙو ، جُهڪرَ جو دڙو ، چانهون جو دڙو ، چڪ 53 بي ڊي ، دَبر ڪوٽ ، دُمب بُٺي ، ڍنڍي ماڳ ، ڍول ويرا ، روپڙ ، رانا غونڊائي ، ريحمان ڍيرو ، سڌائورا ، سڌيرڻ ، سنڌيا ، سوهر جنگل ، سوهر دمب ، سياهه دمب ، سيوهڻ ، شاهه ڪپور ، شڪارپور ، علي مراد ماڳ ، گاجي شاهه ، ڪالي بينگن ، ڪاهوءَ جو دڙو ، ڪُنال ، مهر ڳڙهه ، ميٺا ٿل ، لهڙي ، لوٿل ، لوهم جو دڙو ، نند وارو ماڳ ، فرمانا ۽ ودگام ماڳن جي کوٽاين ۽ انهن منجهان مليل لاڌ جا تفصيل بيان ٿيل آهن.

هن ڪتاب جي ٻئي حصي جو عُنوان ” سنڌو تهذيب وارا ماڳ آهي “ جنهن جي پهرئين باب ۾ هاڻوڪي سنڌ جي حدن ۾ موجود سنڌو تهذيب جي ماڳن جي ڄاڻ ڏنل آهي. هن باب ۾ ڪُل 328 ماڳن جي لسٽ ۽ انهن جا ڪجهه ٻيا تفصيل ڏنل آهن. ٻئين باب ۾ بلوچستان جي حدن ۾ موجود سنڌو تهذيب جي ماڳن جي ڄاڻ ڏنل آهي ، هن باب ۾ 110 ماڳن جي لسٽ سان گڏ انهن جي مختصر ڄاڻ پڻ ڏنل آهي.

ٽئين باب ۾ پنجاب ۾ موجود سنڌو تهذيب جي ماڳن جي اُپٽار ڪئي وئي آهي ، جن جو ڳاڻيٽو ٿلهي ليکي ڏيڍ سئو کن ٿي ويندو. چوٿين باب ۾ اتر گُجرات ۽ شوراسٽر وارن سنڌو تهذيب جي ماڳن بابت لکيل آهي ، جن جو تعداد 119 آهي.پنجين باب ۾ چولستان ۾ موجود سنڌو تهذيب جي آثارن بابت لکيل آهي ، جن جو تعداد 522 آهي. جڏهن ته ڇهين ۽ آخري باب جو عنوان ” جهونا ڳڙهه ۾ سنڌو تهذيب جا ماڳ“ آهي ، جنهن ۾ ٻارنهن عدد ماڳن جا تفصيل ڏنا ويا آهن.

هن ڪتاب ۾ مجموعي طور هڪ هزار کان به وڌيڪ سنڌو تهذيب جي ماڳن جو ذڪر ٿيل آهي ، ان سان گڏ انهن جا ڪو آرڊينيٽس ۽ اتان مليل لاڌِ جا تفصيل پڻ بهترين ۽ مدلل انداز سان بيان ڪيا ويا آهن .  آرڪيولوجي ، اينٿروپولوجي ۽ سنڌو تهذيب ۾ دلچسپي رکندڙ  ماڻهن ۽ شاگردن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي ، ڇو ته هن هڪڙي ڪتاب پڙهڻ سان کين سنڌو تهذيب جي هڪ هزار کان به وڌيڪ ماڳن/  سائيٽن بابت بهترين ڄاڻ حاصل ٿي ويندي ۽ انهن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جو دڳ پڻ ملي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.