پاڪ چين لاڳاپا ۽ سفارتي آداب کان اڻ  ڄاڻ  جو غيرذميواراڻو وارو بيان

تحرير: سيد مجاھد علي

”هماليه کان مٿاھين پاڪستان چين دوستي“ جي دعوائن تي تازن تبصرن ڌنڌ چاڙھي ڇڏي آھي.پرڏيھي آفيس اسلام آباد ۾ چيني سفير جي بيان کي غير سفارتي قرار ڏنو آهي. پر پوءِ  سوشل ميڊيا تي ان خبر جي ترديد ڪئي وئي ته کيس پرڏيهي وزارت طلب ڪري چيني سفير سان ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ جنھن بابت چيو ويو تھ ان خبر ۾ ڪا حقيقت نھ آھي.

چيني سفير جو معمول موجب پرڏيهي وزارت جو دورو ڪندا رھندا آھن.پر ان کان اڳ هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيني سفير جي بيان کي حيران ڪندڙ قرار ڏيندي چيو ته ھو سندس بيان پاڪستان ۽ چين جي سفارتي روايتن جي عڪاسي نٿو ڪري. پاڪستان ۾ چيني شھري اسان جا اهم مهمان آهن، پاڪستان چيني شھرين، رٿائن۽ ڪمپنين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستاني قيادت چين جي اعليٰ قيادت کي يقين ڏياريو آهي ته سندن شهرين ۽ رٿائن  جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. پاڪستان ۾ چيني شهرين تي حملا افسوسناڪ آهن ۽ اسان چيني عوام ۽ حڪومت جي خدشن کان آگاهه آهيون.پاڪستان  چيني شهرين تي حملن جي جاچ بابت چيني اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.پر ھن اهو به چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چيني سفير کي ڏنل  جواب سفارتي آداب جي خلاف ناهي.

اھو تڪرار اصل ۾ سينيٽر مشاهد حسين جي قائم ڪيل پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ پاران منعقد ھڪ ڪانفرنس دوران ڏنل تقريرن سبب شروع ٿيو. چين جي آزاديءَ جي ڏهاڙي جي حوالي سان ”چين جا 75 سال“ جي عنوان سان هڪ ڪانفرنس ٿي ھئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيني سفير جيانگ زيڊونگ ۽ اقتصاديات جي ماهر ڊاڪٽر عشرت حسين سميت ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي اسحاق ڊار چين جي معاشي سڌارن، ماحولياتي قدمن ۽ ڊجيٽل جدت جي واکاڻ ڪئي. ان سان گڏ هن ٻڌايو تھ وزيراعظم شهباز شريف کي چين جي دوري جي موقعي تي صدر شي زي جن پنگ يقين ڏياريو هو ته چين جي سفارتي ترجيحن ۾ پاڪستان جو خاص مقام آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن کي سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اسحاق ڊار چيو ته ان موقعي تي صدر شي جن پنگ پاڪستان سان سهڪار جاري رکڻ جو يقين ڏياريو ۽ چيو ھو ته چين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جاري رکندو. اهي جذبا پاڪستان جي چين جي روڊ اينڊ بيلٽ پروجيڪٽ ۽ سي پيڪ جي حمايت کي مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻيا آهن.

چيني سفير جيانگ زيڊونگ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي جواب ڏيڻ لاءِ مائڪ واپس  ورتو ۽ منتظمين کان ڳالهائڻ جي اجازت گهري. جيانگ زيڊونگ چيو ته چين سڄي دنيا ۾ چيني ماڻهن جي حفاظت کي اوليت ڏئي ٿو. پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ رٿائن جي خطري سبب چين جي سيڙپڪاري متاثر ٿي سگهي ٿي. هن پاڪستاني اختيارين تي زور ڏنو ته سيڪيورٽي جا بهتر انتظام ڪيا وڃن. ”جيڪڏهن سيڪيورٽي خدشا ختم نه ٿيا ته اسان پنهنجي رٿائن تي ڪم جاري نه رکي سگهنداسين. چيني شهرين جي حفاظت سي پيڪ جي اڳڀرائي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. ڇهن مهينن ۾ چيني شهرين تي ٻه خطرناڪ حملا ناقابل قبول آهن. چيني سفير جو اهو بيان مقامي ميڊيا ۾ بحث هيٺ آيو ۽ ذريعن جو چوڻ آهي ته چيني سفير جي بيان تي پاڪستان جي حڪومتي حلقن ۾ ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو.

ڏٺو وڃي ته اسحاق ڊار جي غيرمحتاط لفظن ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر شي جن پنگ جي ٿيل ڳالهين بابت  غير ذميواراڻا حوالا ڏيڻ سبب تڪرار پيدا ٿيو. جيتوڻيڪ چيني سفير پاڪستان جي نائب وزيراعظم کي سڌو سنئون ڪوڙو تھ نه چيو، پر سندس فوري رد عمل ۽ عوامي پليٽ فارم تي سيڪيورٽي جي باري ۾ واضح ڳالهائڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته اسحاق ڊار چيني صدر جي جذبي کي غير ذميواراڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. چيني سفير ڏنل حوالي کي غلط قرار ڏنو ۽ اسحاق ڊار جي دعويٰ کي رد ڪرڻ ضروري سمجهيو.

سفارتي معاملن ۾ غير پيشور ماڻهن کي عھدي ڏيڻ سبب اھڙن نتيجن جو سامھون اچڻ حيرت جي ڳالهه ناهي. ھاڻوڪي حڪومت ۾ اسحاق ڊار کي ناڻي واري وزارت جو قلمدان نه ملڻ تي،ھر حال ۾نوازڻ واري ڪار سبب کيس پهرين پرڏيهي وزير ۽ پوءِ نائب وزيراعظم جو اضافي عهدو به ڏنو ويو. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ ڊپٽي وزيراعظم جي عهدي جي ڪا سگھاري روايت نھ آهي ۽ نه ئي آئين ۾ ان جو ذڪر آهي. حڪومت اڄ تائين اھڙي نوازش بابت ڪا وضاحت نه ڪري سگهي آهي ته اسحاق ڊار کي اهو عهدو ڪهڙي مجبوري سبب ڏنو ويو. اسحاق ڊار جي پروفيشنل ناڪامي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته مالياتي معاملن کي سندس مهارت جو شعبو سمجهڻ باوجود کيس ناڻي وارو وزير نه بڻايو ويو. ڇاڪاڻ ته شهباز شريف جي گذريل حڪومت ۾ هن آءِ ايم ايف سان ڦٽائڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏي ھئي. بعد ۾ شهباز شريف کي ، پاڻ آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ملاقات ڪري عبوري رليف پيڪيج لاءِ گارنٽي ڏيڻي پئي.

پرڏيهي وزارت جو قلمدان هڪ اهڙي شخص جي حوالي ڪرڻ قومي سانحي کان گهٽ ناهي، جيڪو پنهنجي شعبي ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. پر ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جي دعويٰ ڪرڻ جي باوجود شهباز شريف ۾ شايد ايتري جرئت ناهي جو هو نوازشريف جي بااعتماد ۽ سنڍو کي مرضي جي عھدي ڏيڻ کان انڪار ڪري سگھي.پر وزيراعظم کي  سمجهڻو پوندو ته سرڪاري عھدا  ذاتي ميراث نه هوندا آهن.اهم عهدن تي انهن ماڻهن کي هئڻ گهرجي جيڪي لاڳاپيل شعبي جي حساسيتن کي سمجهن. ڊپلوميسي هڪ ڏکيو ميدان آهي. وات مان نڪتل ھڪ لفظ بھ ملڪن ۾ غلط فهمي پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ جنھن جو نقصان نسلن سھڻو پوندو آھي.

پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا گهرا ۽ ويجها آهن. پر پاڪستاني حڪومت کي  سمجهڻ گهرجي ته ملڪن جا لاڳاپا ٻن خاندانن جا رشتا نه آهن جن کي ٽوڙي نه سگهجي، پر ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته اھي لاڳاپن کي برقرار رکڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ هاڪاري قدم کڻن. چين موجوده معاشي بحران دوران پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ملڪ ۾ سياسي ڊيڊ لاڪ سبب پرڏيهي سيڙپڪاري رڪجي وئي آهي پر چين سي پيڪ منصوبن تحت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو سلسلو جاري رکيو آهي. ان سان گڏ پاڪستان کي عالمي مالياتي ادارن ۽ ٻين فورمن تي به چين جي مدد حاصل آهي. چيني سيڙپڪاري جي حوالي سان مختلف راءِ ضرور آهن ۽ آمريڪا پاڪستان کي ان سيڙپڪاري بابت ڊيڄارڻ لاءِ پنهنجون سفارتي صلاحيتون استعمال ڪري ٿو. بهرحال، اهو پاڪستاني حڪومت تي منحصر آهي ته هو اهو فيصلو ڪري ته ان کي ڪٿي ۽ ڪڏهن امداد وٺڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪهڙي حد تائين ان کي پاڻ کي ڪنهن ملڪ سان ڳنڍڻ جي ضرورت آهي. بهرحال ان سلسلي ۾ سڀ کان اهم نقطو اهو آهي ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي سياسي نعرن بدران سفارتي قدرن ۽ روايتن جي حوالي سان پرکيو وڃي.

چين سان لاڳاپن کي وڌاءَ ڪيل اصطلاحن ۽ نعرن کان مٿڀري ٿي ڏسڻ جي ضرورت آهي. ٻن ملڪن جي دوستي کي هماليه کان اوچي ۽ سمنڊ کان گھري  سڏڻ يا ملڪي اڳواڻ کي ڀاءُ چوڻ ٻن ملڪن کي ويجهو نٿو آڻي.ان  لاءِ هڪ ٻئي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ضروري آهي. جيئن پاڪستان کي هن وقت چيني سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. بهرحال، چين اهو سرمايو مهيا ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪارڪنن کي تحفظ ڏيڻ چاهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي پرڏيهي وزير جو اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش گمراهه ڪندڙ ۽ غير ذميواراڻو آهي ته ”پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال ڪهڙي به هجي، چيني صدر چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جاري رهندي“. ان ڪري چيني سفير کي ترديدي بيان جاري ڪرڻو پيو، جنهن تي پرڏيهي وزارت ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ سفارتي آداب جو حوالو ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪئي.

بهرحال پرڏيهي آفيس جي وضاحت کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته اسحاق ڊار پنهنجي تقرير جي انداز تي نظرثاني ڪري. جيڪڏهن انهن کي خبر ناهي ته حساس معاملن تي ڪيئن بحث ڪجي ته انهن کي پرڏيهي وزارت جي ماهر سفارتڪارن جي مدد وٺڻ گهرجي. يا وري چين بابت غير ذميواراڻو بيان ڏيڻ کان پوءِ پنهنجي موقف جو جائزو وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن هو سفارتي نزاڪت کي سمجهڻ جي قابل نه آهي ته کيس عهدو ڇڏڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته انهن جي غير ذميواري سان پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.