بحران جو خاتمو ۽ خوشحالي جو سفر ڪيئن شرع ٿيندو ؟

تحرير; رفيق پٽيل

پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ان صورت ۾ ممڪن آھي جڏھن مھانگائي جو خاتمو ٿئي،بجلي جي قيمت گھٽ ٿئي.عوام جي لاءِ روزگار ھجي.ڪاروبار جي لاءِ سھولتون ھجن،زراعت ۽ صنعت کي ترقي ڏياري پئداوار ۽ ايڪسپورٽ ۾واڌارو ڪيو وڃي،جنھن جو فائدو عوام کي ٿئي.اھو فائدو ڪجھ ماڻھن تائين مخصوص نھ ھجي.ھر شھري کي بنا ڪنھن فرق جي جان ۽ مال کي تحفظ حاصل ھجي،ھر شھري جي عزت ۽ آبرو جو احترام ھجي،ماڻھن کي بنيادي حق کان محروم نھ رکيو وڃي.عوامي خواھش ۽ راءِ عامھ جو احترام ڪيو وڃي.سڄي دنيا جي ملڪن ان تي ڌيان ڏنو آھي ۽ اھي تيزي سان ترقي ڪري رھيا آھن.بدقسمتي سان اسين انھن معاملن ۾ پٺتي وڃي رھيا آھيون.جيڪڏھن ملڪ جي اشرافيھ ۽ حڪمران طبقو ملڪ جي نظام کي انھيءَ طريقي سان ھلائڻ جي ڪوشش ڪندو تھ ان سان بحراني ڪيفيت جي ختم ٿيڻ جو ڪو امڪان پري تائين نظر نھ ايندو.

اپريل 2022 کان پي ٽي آءِ ۽ اتحادي جماعتن جي حڪومت جي خاتمي بعد پيدا ٿيل بحراني ڪيفيت ۾ لڳاتار شدت پئدا اچي رھي آھي،مھانگائي ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي کانسواءِ ٻين سھولتن جي کوٽ سان ماڻھن جون پريشانيون وڌي رھيون آھن ۽ ان ۾ بھتري جا آثار نظر نھ پيا اچن.باصلاحيت نوجوان ٻين ملڪن جو رخ ڪري رھيا آھن.انھن حالتن جي ڪري عوام حڪمرانن تي اعتبار ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.بلڪھ عوام جي بيزاري وڌي رھي آھي ۽ ماڻھن ۾ ڪاوڙ جي ڪيفيت بھ آھي.ائين محسوس ٿئي ٿو تھ ڄڻ اقتدار ۾ ويٺل حڪمران جماعتون ۽ ان جا سھولت ڪار انھن حالتن کي يڪسر نظرانداز ڪري پنھنجو سمورو ڌيان ذاتي اقتدار کي ڊيگھھ ڏيڻ تي ڏئي رھيا آھن. ان مقصد جي لاءِ اھي اھڙا منفي قدم کڻي رھيا آھن.جنھن سان بحران وڌيڪ سنگين ٿيندو.انھن قدمن سان ملڪ ۾ آئين ۽ قانوني جي مٿڀرائي جي انت جا امڪان وڌي رھيا آھن.لاقانونيت وڌي رھي آھي.موبائل فون،روڪ،موٽرسائيڪل ۽ ڪارين جي ڦرلٽ جي روڪڻ جي لاءِ ڪي  اثرائتا اپاءِ نھ پيا ورتا وڃن. واپاري ۽ صنعتي سرگرميون ماٺيون ٿي ويون آھن،ماڻھن ۾ مايوسي وڌي رھي آھي.اقتدار ۾ ويٺل سياسي جماعتون وقت گذرڻ سان گڏ عوامي حمايت کان محروم ۽ ُسسي ننڍيون ٿي رھيون آھن،اقتدار کي چنبڙيل سياسي ڌرين جي ڪجھ اڳواڻن جو شايد خيال آھي تھ پي ٽي آءِ، جي باني اڳواڻ جي زندگيءَ جي خاتمي سان انھن جماعتن جي ساک بحال ٿي ويندي،جڏھن تھ معاملو ان جي ابتڙ ٿي ويندو.انھن جماعتن کي پي ٽي آءِ،جي باني جي زندگيءَ جي خاتمي جي الزامن کي منھن ڏيڻو پوندو،نتيجي ۾ اھي عوام جي ڪاوڙ ۽ غضب کان محفوظ رھي نھ سگھندا.پاڪستان جي عوام ۽ مقتدرا حلقن کي ان بحران جو اھڙو حل ڳولڻو پوندو جنھن ۾ ڪنھن ٽڪراءَ جي صورت پئدا نھ ٿئي. انصاف جون گھرجون پوريون ٿين.دنيا جي ڪنھن بھ ملڪ ۾ عوام کي طاقت جي زور تي چٿڻ سان مسئلا حل ڪري نٿا سگھجن ۽ ان سان وڌيڪ مونجھارا ۽ بحران پئدا ٿين ٿا.تڪرار ويڙھ سان حل ڪرڻ جي صورت ۾  تباھي ٿيندي آھي.پاڪستان جو اندروني ٽڪراءِ ھڪ اھڙي اڻ ڏٺي جنگ آھي.جنھن جي وڌڻ سان اسان جي تباھي جو منظر ڏسي ڪري وقتي طور تي اسان جو پاڙيسري ملڪ شايد خوش ٿي رھيو ھجي، پر ان جي ڊگھي مدي وارا اثر خود ان جي لاءِ بھ نقصان ڪار ٿي سگھن ٿا.عالمي سطح تي ھاڻوڪن حڪمرانن جي لاءِ اڳ ۾ ئي مسئلا آھن.خاص ڪري 8 فيبروري جي نتيجن کي عالمي ميڊيا جي مختلف رپورٽن ۾ حڪومت جي جائز ھئڻ بابت سوال اٿياريا آھن. تازو ئي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف مظاھرو ڪندڙن جي روئي جي باري ۾ حڪومتي ردعمل سان ٻاھرين ملڪ ۾ رھندڙ پاڪستاني شھرين ۾ وڌيڪ ڪاوڙ پئدا ٿيندي.ان ردعمل سان ان واقعي کي وڌيڪ شھرت ملي آھي، جن ماڻھن کي خبر نھ ھئي انھن کي بھ خبر پئجي وئي آھي.حڪومت جو رويو ٻرندي تي تيل ھارڻ جي برابر آھي.جڏھن تھ باھ تي پاڻي وجھڻ جي ضرورت ھئي.جنھن جوپھريون قدم خاموشي ۽ نظرانداز ڪرڻ وڌيڪ بھتر ھجي ھا.ٻاھرين ملن ۾ رھندڙ ٻٽي شھريت رکندڙ پاڪستانين يا برطانيھ ۾ جنم وٺندڙ برطانيھ جي نوجوان شھرين يا انھن جي گھرڀاتين جي خلاف قدم کڻڻ منجھيل مسئلو آھي.ان جو نتيجو توقع جي بلڪل ابتڙ اچي سگھي ٿو.اھڙي صورت ۾ حڪومت وڌيڪ وائڙپ جو شڪار ٿي سگھي ٿي،ائين لڳي ٿو ڄڻ سڀ ڪجھ وائڙپ ۾ ۽ بنا سوچڻ سمجھڻ جي ڪيو پيو وڃي.

جيڪڏھن فرض ڪيو وڃي تھ حڪومت، پي ٽي آءِ ، جي باني کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي،وڌيڪ آئيني ترميم جي ذريعي سمورين عدالتن جا جج پڻ پنھنجي مرضي جي مطابق نامزد ڪري ٿي ڇڏي.ميڊيا ۾ حڪومت مخالف گفتگو ۽ خبرن کي روڪي ٿي ڇڏي،سوشل ميڊيا تي  تبصري ڪندڙن تي پابندي وجھي انھن کي جيلن ۾ بند ڪري ٿي ڇڏي، پي ٽي آءِ،تي پابندي لڳائي خيبرپختونخواھ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪري ٿي ڇڏي،پي ٽي آءِ جون سموريون پارلياماني سيٽون خالي ڪرائڻ بعد پنھنجي مرضي جا نمائندا انھن سيٽن ي ڪامياب ڪرائڻ کانپوءِ ھڪ فرينڊلي اپوزيشن تيار ڪري ٿي وٺي.اھڙا قدم سڄي ملڪ کي جيل بڻائڻ ۽ مايوسي جو سبب بڻجندا . انھن قدمن سان سياسي استحڪام نھ ايندو،اصل استحڪام ان صورت ۾ ممڪن آھي جڏھن عوامي نمائندا عوام جي دلين تي راج ڪن.اھو رڳو جمھوريت،شفافيت، جوابدھي ۽ منصفانين چونڊن جي ذريعي ممڪن آھي.جيڪڏھن اسان کي پستي جي سفر کان نڪري ڪري اڳتي وڌڻو آھي تھ سمورن بااثر حلقن کي انھن ڳالھين مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو، جنھن جي نشاندھي دنيا جي تحقيقي شعبي جا ماھر ڪري رھيا آھن.يونائٽيڊ اسٽيٽ انسٽيٽيوٽ آف پيس پنھنجي ھڪ تحقيق ۾ ان سوال جو جواب ڏنو آھي تھ ”مستحڪم حڪمراني مان ڇا مراد آھي“ ان تحقيقي ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ ”مستحڪم حڪمراني ان صورت ۾ ممڪن آھي. جڏھن رياست ماڻھن کي بنيادي سھولتون فراھم ڪري ۽ رياست جي وسيلن جو ذميداري سان انصاف ڀريو استعمال ڪري،حڪومت جا سمورا ذميدار شفاف سياسي ۽ انصاف ڀرئي قانوني طريقيڪار جي تحت جوابدھ ھجن.عوام جي حڪمراني (مملڪتي امور) ۾ شراڪت سول سوسائٽي جي تنظيمن، آزاد ميڊيا،سياسي جماعتن ۽ آزاد چونڊن جي ذريعي ممڪن بڻائي وئي ھجي ۽ ھڪ ٻي تحقيق جنھن کي ان ڪري نظرانداز نھ ڪرڻ گھرجي تھ جو اھا اسان جي معاشي نظام کي گھڻو ويجھو آھي، اھا تحقيق ترڪي جي سيلڪوڪ يونيورسٽي جي سياست  معيشت جي شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر علي ايسار پاران ڪئي وئي آھي ان تحقيقي مطابق ”سياسي جماعتن ۽ ان جي نمائندن جي وعدن جي چونڊ عمل ۾ جوابدھي ھئڻ گھرجي،آئين ۽ قانون جي مٿڀرائي يقيني ھجي ۽ عوام آزاد چونڊن جي ذريعي سياسي عمل ۾ شريڪ ٿئي.چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ سڌارا ڪيا وڃن.عوام کي ھر قسم جي معلومات تائين رسائي ھجي.مقامي سطح جي ادارن (بلدياتي ادارن ) ۾ عوام جي شرڪت ھجي.سماجي يڪسوئي ۽ ايمانداري سان ترقي ڪري،خوشحالي جي لاءِ سرگرم ۽ متحرڪ ھجي، سمورن ادارن جا عھديدار ذميداري سان پنھنجا فرض ادا ڪن. اختيارن جي حدن جو تعين ھجي، اختيارن اورانگھڻ  جي صورت ۾ انھن جو منصفاڻو احتساب ٿئي،عدالتون آزاد ھجن ۽ حڪومت کي پنھنجي اختيارن تائين محدود رکڻ جي لاءِ اانصاف حقيقي معنيٰ ۾ ان جي اھل ھجي.“ پاڪستان کي ان بحران مان نڪري ترقي جو رستو وٺڻو آھي تھ ھاڻوڪي افراتفري ۽ لاقانونيت مان نڪرڻو پوندو.ھي ان قوم جو امتحان آھي.تباھي يا خوشحالي مان ڪنھن ھڪ جي چونڊ ڪرڻ ملڪ جي اشرافيھ ۽ اقتدار ۾ ويٺل حلقن ۽ عوام جي پڻ ذميداري آھي.واريءَ ۾ منھن وجھي طوفان جو مقابلو نٿو ڪري سگھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.