پِي آءِ اَي پاڪستان جي مشھور ھوائي جھاز سروس آھي جنھن جو مطلب پاڪستان انٽر نيشنل ايئر لائينز ٿئي ٿو جنھن جي اصل بنياد يا جنم ته پاڪستان ٺھڻ کان پھرين 1946ع ۾ ان وقت جي ڪاروباري شخصيت مرزا ابوالحسن اصفحاني پاران ھندستان جي مشھور شھر ڪلڪ ته ۾ رکيو ان وقت سندس نالو ”اورينٽ ايئرويز“ رکيو ويو پاڪستان جي آزادي کان پوءِ ان اورينٽ ايئرويز ھوائي جھاز ڪمپني کي ڪلڪ ته ھندستان کان ان وقت پاڪستان جي گادي واري ھنڌ ڪراچي منتقل ڪري رجسٽرڊ ڪرايو ويو ان وقت ھِن ھوائي ڪمپني جا جھاز ڍاڪا ۽ ملڪ جي اندروني شھرن لاھور ڪوئيٽا پشاور تائين ھلندا رھيا جنھن کان پوءِ 1955ع ۾ وقت جي حڪومت پاران ٺاھيل ھڪ نئين ھوائي ڪمپني ۾ اورينٽ ايئرويز کي شامل ڪري نئون نالو پي آئي اي رکيو ويو .
پھرين سال ئي پي آءِ اي جا جھاز ٻاھرين ملڪ ھلڻ لڳا جنھن ۾ لنڊن،قائرہ ، اٽلي سميت ڪافي ملڪن ڏانھن اُڏام ڪرڻ لڳا ائين آھستي آھستي پي آئي اي سروس مشھور ٿيندي وئي وڌيڪ سنڌ جي نامور ليکڪ اديب دانشور گھڻن ئي ڪتابن جي مصنف خاص ڪري ملڪي ليول تي وڏي تعداد ۾ سفرناما لکندڙ الطاف شيخ پاران پنھنجي ڪتاب ايران کے دن ۾ پي آءِ اَي جو عروج لکندي لکي ٿو ته 1962ع ۾ پي آءِ اَي سروس پاڪستان کان نيويارڪ ڏانھن اُڏام ڀرڻ لڳي ۽ پاڪستان صرف ھوائي جھاز نه پر بحري جهاز مطلب پاڻي وارا جھاز به خريد ڪري ھلائڻ لڳو ايئن ئي پاڪستان جي ھوائي بحري جهازن جي سواري جو عروج اچي ويو ايتري قدر پاڪستان وٽ جھاز گھڻا ٿي ويا پر پائليٽ ۽ انجنيئر گھٽ ٿي ويا جيستائين ,, پاڪستان ميرين اڪيڊمي ،، کان چيف انجينئر ڪيپٽن تعليم يافته بڻجي اچن اُن وقت تائين اسان جي ملڪ جي جھازن کي ھلائڻ لاءِ انگلينڊ ترڪي پولينڊ جرمني جھڙن ملڪن جا ماڻھو پي آءِ اي ۾ ملازمت ڪندا ھئا ھي اُھو پي آءِ اي جي عروج جو زمانو ھو جنھن وقت ملائيشيا سنگاپور سريلنڪا جھڙن ملڪن وٽ نه پنھنجا جھاز ھئا نه وري تعليم يافته ادارا ھئا سعودي عرب کان وٺي ملائيشيا تائين وڏي تعداد ۾ ,, نوجوان ڪيڊٽ ،، نيول اڪيڊمي ۽ ميرين اڪيڊمي جھڙن مشھور تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪندا ھئا جڏھن انھن ملڪن ھوائي ۽ بحري جهازن جون ڪمپنيون کوليون ته انھن کي ھلائڻ لاءِ پاڪستان جي ماھر انجنيئر پائليٽن مدد ڪئي جنھن ۾ خاص ڪري ان وقت جي ڪيپٽن ظفر زبيري عمران انصاري عرفان فاروقي مظھر زيدي چيف انجينئر آصف غيور شامل ھئا ان وقت پاڪستان وٽ جھاز سروس کي ھلائڻ لاءِ ھڪ بھترين ٽيم جڙيل ھئي جيڪي پي آءِ اي کي عروج ڏيڻ لاءِ ڏينھن رات ڪوششون ڪري رھيا ھئا پاڪستان جي عوام لاءِ اُھو سونھري وقت ھو جنھن دؤر ۾ ٻاھرين ملڪن ۾ پي آءِ اي سروس وڏي مشھوري ماڻي چڪي هئي جنھن جي ڪري ڪافي ملڪن ۾ ملڪ ۽ عوام کي عزت جي نظر سان ڏٺو ويندو ھو ايشيا ملڪن ۾ پي آءِ اي پھرين ڪمپني سروس آھي جنھن سپر Constellation جھاز اڏارڻ جو اعزاز حاصل ٿيو ان کان پوءِ جيٽ ڪرافٽ جھاز پھريون ڀيرو پي آءِ اي ڪمپني ھلايو آھي پي آءِ اي ايشيا جي پھرين ڪمپني آھي جنھن کي آمريڪا جي ,, فيڊرل ايوي ايشن ايڊ منسٽريشن ،، ۽ برطانيا جي ” سول ايوي ايشن اٿارٽي “ جي طرف کان جھازن جي مرمت ڪرڻ جي اجازت مليل آھي پي آءِ اي پھرين غير ڪميونسٽ ايئر لائين آھي جنھن کي چين ۾ اسٽاپ ڪرڻ ۽ ماسڪو کان يورپ وڃڻ جو اجازت نامو مليل آھي ايشيا جي پھرين ايئر لائين پي آءِ اي آھي جنھن پنھنجي ڪمپني ۾ بوئنگ 737 ۽ 771 جھاز شامل ڪيا. پي آءِ اي پھرين ھوائي ڪمپني آھي جنھن جي جھازن ۾ سفر دوران مسافرن کي بور يان پريشان ٿيڻ کان بچڻ لاءِ فلمون ڏيکارڻ جي شروعات ٿي پي آئي اي دنيا جي پھرين ڪمپني آھي جنھن شيڊول جي مطابق سڀني کان پھرين ھيلي ڪاپٽر سروس جي شروعات ڪئي ھاڻي توھان پاڻ ئي فيصلو ڪيو ته پي آءِ اي سروس جي ڪري پاڪستان ۽ ان جي عوام جي ڪيتري قدر عزت احترام حوصلا افزائي ھئي ان وقت پاڪستان جي ماڻھن کي قابل عزت ۽ باصلاحيت تجربيڪار سمجھيو ويندو ھو اِن ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ناھي ته سنگاپور سريلنڪا ملائيشيا جھڙن ملڪن جي ھوائي ڪمپنين ۽ پاڻي جي جھازن جي شروعات پاڪستانين جي مدد سان ٿي ھئي پر افسوس ته اڄ ڪلهھ اسان جي ملڪ ۽ اسان جي پي آئي اي ڪمپني جو جيڪو حشر نشر لڳو پيو آھي اُھو به اسان سڀني جي سامھون آھي ڪنھن کان ڪجهه لڪيل ناھي 1970ع کان پوءِ پاڙيسري ملڪن ۾ جيڪي ھوائي ڪمپنين جي شروعات ٿي اُھي اڄ ڪلهھ ترقيءَ جي عروج تي پهتل آهن پر افسوس ته اسان جي ملڪ جي وڏي مان وڏي ايئر سروس سڪرات ۾ ورتل آهي. ڪجهه سالن کان پي آءِ اي سروس کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ھلي رھيون آھن جيڪو افسوسناڪ عمل آھي ڇو ته وقت جي حڪومت صرف پي آئي اَي ڪمپني وڪرو نه ڪري رھي آھي پر ان سان گڏوگڏ ڏھ هزار ملازمن جو مستقبل کپائي رھي آھي پي آءِ اَي پيڪيج ان جي فلائٽس روٽ نيٽ ورڪ سميت ان ڪمپني جي ھر شيءِ وڪرو ڪري رھي آھي جنھن سان وڏو نقصان ٿي سگھي ٿو پر موجوده حڪومت ھلندڙ ھفتي انھن ڳالهين کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ڪابينا مان منظوري وٺي مختلف ڪمپنين جي نمائشي ٻولي لڳرائي وئي جنھن ۾ وفاقي ڪابينا طرفان پي آئي اي سروس جنھن ۾ 33 جھاز 16 آپريشنل جھاز 10323 ملازم شامل آھن وڏي ڳالهه ته پي آءِ اي وٽ 200 ارب جون بقايائون آھن اھڙي پٺتي پيل سروس کي وڪرو ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت پاران ٻولي لڳائي وئي جنھن ۾ وفاق طرفان 85 ارب 30 لک اگھه مقرر ڪيو جنھن ۾ 6 ڪمپنين مان صرف ھڪ ڪمپني ٻولي ۾ حصو ورتو جنھن صرف ڏھ ارب جي ٻولي لڳائي حيران پريشان ڪري ڇڏيو ته ايڏي وڏي اداري جو ايترو ملھه پر ڇا ڪجي ڳڻتي جوڳي واري اداري جو ايترو ملھه ملڻ به غنيمت آھي حقيقت آھي ته جڏھن انسان جي ھٿن جا نَنھن وڏا ٿي ويندا آھن ننھن ئي ڪٽيا ويندا آھن ھٿن جون آڱريون نه پر افسوس ته ھِتي ادارن کي ٺيڪ ڪرڻ بجاءِ ادارا ئي کپايا پيا وڃن ته ملڪ اندر بھتري ڪٿان ٿيندي جيڪڏهن ملڪ جا قومي ادارا خساري ۾ ورتل آهن ته انھن کي خانگائڻ بجاءِ انھن کي ٺيڪ ڪرڻو آهي جنھن سان ملڪ ترقي ڪري سگھي ٿو باقي جيڪو ادارو خساري ۾ وڃي ته ان کي خانگائڻ ملڪ جي تباھي جي نشاني آھي جيڪو افسوسناڪ عمل آھي جيڪڏهن پي آءِ اي ڪمپني خساري ۾ ھلي رھي آھي ته ان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن جيئن بھتر رزلٽ ملي سگھي ان کان علاوه جيڪڏهن پي آءِ اي ڪمپني کي وڪرو ڪرڻ آھي ته ڪا صوبائي حڪومت خريد ڪري ھلائي ملڪ جا نامور ڪاروباري شخصيتون پاڻ ۾ ملي ڪري خريد ڪري ھلائن ته بھتر ٿيندو جنھن سان ھڪ دفعو ٻيھر پي آءِ اي جو عروج بحال ٿي سگھي ٿو باقي ادارن کي خانگائڻ مسئلن جو حل ناھي اصل ۾ سڀني سياسي پارٽين کي گڏجي ويھي مسئلي جو حل ڪڍڻو پوندو جنھن سان ملڪ ۽ ادارا ترقي ڪري سگھن ٿا