منھنجي سنڌ جا غريب مسڪين مظلوم ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن ان جو سبب سنڌ م وڌندڙ بي روزگاري ۽ غربت آھي. منھنجي سنڌ ۾ ھاڻي 2 وقت جي ماني جو به حق کسيو ويو آهي ان جو ڪارڻ صرف پاڪستان جا حڪمران آھن جيڪي مهانگائي تي ڪنٽرول ۾ ناڪام آهن.
غريبن مسڪينن مظلومن عوام کان پيٽ جي گرھ جو به حق کسجي ويو آهي سنڌ ۾ وڌندڙ بي روزگاري غربت سبب ھاڻي منھنجي ملڪ جاغريب مسڪين خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. غربت کان تنگ ٿي منھنجي سنڌ جا نوجوان پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏين ٿا پر حڪمران جي ڪنن تي ڪا جونِ ئي نه ٿي سُري.
غربت ايتري وڌي وئي آهي جو ھاڻي غريب مسڪين مظلوم عوام پنھنجا جگر جا ٽڪراولاد وڪڻڻ تي مجبور آھن سنڌ جون 70 80 سالن جون پوڙهيون محورتون ھوٽلن تي ماني پنندي ڏسان ٿي.؛ ان وقت منھنجي اکين۾ ڳوڙها تري اچن ٿا ته اڄ غربت ايتري قدر وڌي وئي آهي جو امڙون به ھوٽلن تي پنندي پئي ڏسان!
حڪمرانن کي غريبن مسڪينن مظلومن عوام جي پرواهه ناهي ايتري قدر جو معصوم ٻار جن جي عمر لکڻ پڙهڻ جي آھي انھن غريبن مسڪينن مظلومن ٻارن کي ڇولا کپائيندي ۽ رستن تي پنندي ڏسون ٿا. اھوئي سبب آھي جو پاڪستان م ھڪ رپورٽ موجب 2ڪروڙ غريب مسڪين ٻار تعليم جھڙي زيور کان محروم آهن. جيڪڏهن 2 ڪروڙ غريب مسڪين ٻار تعليم کان محروم رھندا ته پوءِ اسان جو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي ڇو ته تعليم کان سواءِ ترقي ڪري نٿي ٿي سگھي ته اڄ جي ھنن حڪمرانن کي به خبر ناھي ته اسان جي ملڪ ۾ غربت ڪيتري آهي؟
تعليم کان ڪيترا ٻار محروم آهن!؟ ڪا به خبر هوندي به بي خبر حڪمرانن کي ڇا چئجي الائي ڪڏهن اسان جي ملڪ پاڪستان مان غربت جھالت ختم ٿي ويندي منھنجي وطن جا غريب مسڪين مظلوم ماروئڙا خوشحال ٿيندا کين تعليم ماني صحت جون سهولتون مُهيا ڪيون وينديون. ڪڏهن منهنجي غريب مسڪين مظلوم عوام جو اھو خواب پورو ٿيندو!!