ملڪ ۾ وري مهانگائي ڪر کنيو، آڪٽوبر ۾ شرح 7.17 ٿي وئي

اسلام آباد (م ڊ) آڪٽوبر ۾ سالياني مهانگائي جي شرح 7.17 سيڪڙو تائين وڌي وئي. شماريات جي وفاقي بيورو پاران جاري  ڪيل انگن اکرن موجب مالي سال 2025ع جي پهرين 4 مهينن (جولاءِ کان آڪٽوبر) دوران ڪنزيومر پرائس انڊيڪس جي حساب سان مهانگائي جي سراسري شرح 8.68 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. آڪٽوبر ۾ مهانگائي جي شرح مهيني جي بنياد تي سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 1.23 سيڪڙو وڌي وئي، شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 1.05 سيڪڙو جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 1.49 سيڪڙو وڌي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.