چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان خط لکندڙ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي ملاقات

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن ملاقات ڪئي آهي، جن چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکيو، چيف جسٽس آف پاڪستان حلف کڻڻ کانپوءِ هاءِ ڪورٽن جي انتظامي ججن  سان به ملاقات ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن ملاقات ڪئي آهي.ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان حلف کڻڻ کانپوءِ هاءِ ڪورٽن جي انتظامي ججن سان به ملاقات ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن حلف کڻڻ کانپوءِ چيف جسٽس سان اڳئين ڏينهن ملاقات ڪئي. ياد رهي ته 26 مارچ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکي عدليه ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت جو الزام لڳايو هو، ججن ان معاملي تي سپريم جڊيشل ڪائونسل کان رهنمائي گهري هئي. وفاقي حڪومت ان معاملي جي جاچ لاءِ جسٽس رٽائرڊ تصدق حسين جيلاني جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي پر جسٽس رٽائرڊ تصدق حسين جيلاني ڪميشن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.