پهرين زال کي نڪاح ختم ڪرڻ جو حق ڏيڻ غيرشرعي آهي\اسلامي نظرياتي ڪائونسل

اسلام آباد (م ڊ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل سپريم ڪورٽ پاران ٻي شادي تي پهرين زال کي نڪاح ختم ڪرڻ جو حق ڏيڻ واري فيصلي کي شريعت خلاف قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ پهرين زال کان بنا اجازت جي ٻي شادي ڪرڻ تي پهرين زال کي نڪاح ختم ڪرڻ جو حق ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ حڪم ۾ چيو هو ته پهرين زال مڙس جي اجازت کانسواءِ ٻي شادي ڪرڻ تي نڪاح ختم ڪري سگهي ٿي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي شريعت خلاف قرار ڏئي ڇڏيو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين راغب نعيمي جو چوڻ آهي ته شريعت ۾ ڪنهن به مرد جي ٻي، ٽئين يا چوٿين نڪاح تي پابندي ناهي، هن چيو ته مڙس پاران زال جي اجازت کانسواءِ ٻي شادي ڪرڻ تي پهرين زال کي نڪاح ختم ڪرڻ جو حق ڏيڻ غير قانوني آهي ۽ آئين موجب ڪو به قانون پاڪ ڪتاب ۽ سنت سان ٽڪراءُ نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪيو وڃي ٿو پر اسان کي ان تي شرعي راءِ رکڻ جو حق آهي، سپريم ڪورٽ جو تازو فيصلو شريعت جي خلاف آهي. راغب نعيمي چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل ايندڙ اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي پنهنجي ايجنڊا تي آڻيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.