مڪاني کاتو اهم آهي، آڊٽ پيرائن جا ورڪنگ پيپر ڇو موجود ناهن؟:نثار کهڙو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ کي سنڌ جي بلديات کاتي جو ڪي ڊي اي ۽ ماسٽر پلان اٿارٽيءَ  جو ادارو 4 سالن جو آڊٽ رڪارڊ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو آهي. بلديات کاتي جي ماسٽر پلان اٿارٽي ۽ ڪي ڊي اي جا آفيسر هڪ مهينو اڳ پي اي سي اجلاس جي آگاهيءَ جي باوجود پي اي سي کي آڊٽ وارو رڪارڊ فراهم نه ڪري سگهيا. جمعي ڏينهن بلديات کاتي جي ماسٽر پلان اٿارٽي ۽ ڪي ڊي اي جي سال 2018ع کان 2021ع تائين آڊٽ پيرائن بابت پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ بلديات کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري ماسٽر پلان اٿارٽي، ڪي ڊي جي آفيسرن سميت ڊي جي آڊٽ لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس شروع ٿيو ته بلديات کاتي جي ماسٽر پلان اٿارٽي ۽ ڪي ڊي اي جا آفيسر هڪ مهينو اڳ آڊٽ رڪارڊ جي اجلاس ۾ فراهميءَ جي آگاهي جي باوجود پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ کي آڊٽ جا ڪي به ورڪنگ پيپر ۽ آڊٽ وارو رڪارڊ نه ڏئي سگهيا جنهن تي چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کاتي جي آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ته بلديات وارو کاتو اهم کاتو آهي ان لاءِ آڊٽ پيرائن جا ورڪنگ پيپر ڇو موجود ناهن؟ ۽ کاتي کي ذميواري محسوس ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي بلديات کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد حيدر شاهه پي اي سي کي ٻڌايو ته ڪي ڊي اي جي ڊي جي جي ڪالهه ٽرانسفر ٿي آهي ۽ هو اڄ بيمار ٿيڻ سبب چارج وٺي نه سگهيو آهي ان لاءِ آڊٽ رڪارڊ جي فراهمي لاءِ مهلت ڏني وڃي، پي اي سي جي چيئرمين نثار کهڙو پاران مڪاني کاتي جي سيڪريٽريءَ کان پڇيو ته سڄي سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن کي ساليانو ڪيترو او زيڊ ٽي شيئر جاري ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن کي هلندڙ سال 160 ارب روپين جو او زي ٽي فنڊ جاري ڪيو پيو وڃي جڏهن ته گذريل سال ڪائونسلن جو او زيڊ ٽي شيئر 120 ارب روپيه هيو جنهن ۾ هلندڙ سال 40 ارب روپين جو واڌارو ڪري لوڪل ڪائونسلن جو او زيڊ ٽي شيئر 160 ارب روپيه ڪيو ويو آهي جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن کي 160 ارب روپيه سنڌ حڪومت فنڊ فراهم ڪري رهي آهي ان جي باوجود عوام بهتريءَ لاءِ سوال ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.