حڪومت پي آءِ اي جو 10 ارب رپين جو واڪ رد ڪري غلطي ڪئي؟

اسلام آباد (جاويد چوڌري) پي آءِ اي جا واڪ گهرايا ويا هئا جنهن ۾ 6 ڪمپنين کي اچڻو هو پر 5 ڪمپنيون نه آيون. رڳو هڪ  ڪمپني بليو ورلڊ سٽي طرفان واڪ ڏنو ويو. هن ڪمپني مالڪن هڪ نجي چينل به آهي، هي ڪمپني تڪراري هجڻ جي باوجود موجود آهي. ڪمپني مالڪ جو نالو سعد نظير آهي ۽ هو آرڪيٽيڪٽ هيو ۽ هائوسنگ سوسائٽي جو مالڪ بڻجي ويو. پي آءِ اي طرفان 85 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جي اميد ڪئي وئي پر ان ڪمپني طرفان رڳو 10 ارب رپيا ٻولي لڳائي وئي جنهن تي سڀ کلي پيا ۽ هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا. پوءِ سعد نظير ڳالهائيندي چيو ته پي آءِ اي جي حالت اهڙي آهي جو 10 ارب به وڌيڪ آهن، 85 ارب خرچ ڪري ته نئين ايئرلائين ٺاهي سگهجي ٿي. اهو ثابت ٿيو ته پي آءِ اي کي وڪرو ڪرڻ سولو ڪم نه هوندو. پي آءِ اي جو روز جو خرچ 15 ڪروڙ رپيا آهي، جيڪڏهن ان کي مفت به وڪرو ڪيو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ 15 ارب رپيا بچي ويندا. شاهد خاقان عباسي چوي ٿو ته هڪ رپئي ۾ به پي آءِ اي کي وڪرو ڪرڻ گهرجي. حڪومت کي وڪرو ڪري ڇڏڻ گهرجي ها.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 02 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.