اسلام آباد (جاويد چوڌري) مشاهد حسين سيد جي ميزباني ۾ هڪ تقريب دوران چيني سفير خطاب ڪيو ۽ پوءِ اسحاق ڊار آخري خطاب ڪيو. اسحاق ڊار خطاب ۾ چيو هو ته جولاءِ ۾ جڏهن چين وياسين ته چيني صدر شهباز شريف کي چيو ته سڄي دنيا ۾ چين اهڙي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪم ناهي ڪندو جتي سندن شهرين تي حملا ٿيندا آهن پر پاڪستان بابت معاملو مختلف آهي، تازن حملن کانپوءِ چين پاڪستان تي اعتماد ڪندي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ لاڳاپن کي متاثر ٿيڻ ناهي ڏنو. اسحاق ڊار موجب هو ان موقعي تي موجود هو. اخلاقي طور تي آخري تقرير کانپوءِ تقريب ختم ڪئي ويندي پر اهو عجيب هو ته اسحاق ڊار جي خطاب کانپوءِ ٻيهر چيني سفير چيو ته مان ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو ۽ هن ٻيهر تقريب کي خطاب ڪندي واضح ڪيو ته اسان جي صدر پاران اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي چئي وئي، چيني صدر پنهنجي شهرين جي حوالي سان حساس آهي ۽ ڪٿي به ڪنهن چيني شهري تي حملو ٿيندو ته خدشا ظاهر ڪيا ويندا، چين کي پنهنجي شهرين جي حفاظت جي حوالي سان خدشا آهن، پاڪستان ۾ چيني شهرين تي جيڪي حملا ٿيا اسان انهن کي قبول نٿا ڪري سگهون، پاڪستان کي هر حوالي سان شهرين کي سيڪيورٽي ڏيڻي پوندي ۽ جيڪڏهن پاڪستان چاهي ٿو ته سي پيڪ تي ڪم ٿئي ته پوءِ پاڪستان غيرمعمولي اپاءَ وٺڻا پوندا ۽ شهرين کي واڌو سيڪيورٽي ڏيڻي پوندي ۽ جيڪي تنظيمون جيڪي چيني شهرين تي حملا ڪن ٿيون انهن کي ختم ڪرڻو پوندو يا اسان جي حوالي ڪرڻو پوندو، ان کانسواءِ معاملا اڳتي نه وڌندا، سيپيڪ جي رفتار گهٽ ٿي آهي، ان جو سبب اهو آهي ته اسان جا ماڻهو محفوظ نه آهن. چين چاهي ٿو ته سندن سيڪيورٽي لاءِ غير معمولي اپاءَ ورتا وڃن. ان تي سڀني کي حيراني ٿي ۽ اهي ڳالهيون ٿيون ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ويڇا وڌي ويا آهن، دوستي ڪمزور ٿي وئي آهي، اها صورتحال غير امڪاني هئي. ان تي پرڏيهي ترجمان به چيو ته ان جي اميد نه هئي ته چيني سفير اهڙي ڳالهه ڪندو. خيال رهي ته عالمي سطح تي سڌي ريت ائين ناهي ڪيو ويندو جيئن چيني سفير ڪيو، بعد ۾ ڪنهن طريقي سان ڪنهن صحافي جي مدد سان يا سفارتخاني وڃي جواب ڏئي سگهجي ٿو پر تقريب ۾ خاموش رهبو آهي. ٻئي پاسي آصف علي زرداري جي نومبر ۾ چين جي دوري جي حوالي سان سڀني کي اها اميد هئي ته هو دوري تي ويندو ته چين ۽ پاڪستان ۾ ويڇن کي ختم ڪندو پر کيس پير ۾ فريڪچر ٿي پيو آهي ۽ سندس دورو ملتوي ڪيو ويو آهي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته چين سندس دورو ملتوي ڪيو آهي ۽ کيس چيو ويو آهي ته اوهان نه اچو ۽ آصف علي زرداري يا رياست پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ اها دعويٰ ڪري ڇڏي ته آصف علي زرداري جي پير ۾ فريڪچر ٿي پيو آهي. سوشل ميڊيا تي چيو پيو وڃي ته کيس پٽي چاڙهي وئي آهي ڪو فريڪچر ناهي ٿيو. جڏهن ته اها دعويٰ غلط آهي ۽ کيس حقيقت ۾ فريڪچر ٿيو آهي. سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ وارن پاران ان حوالي سان پروپيگينڊا ڪئي پئي وڃي ڇو ته هو ڪوبه موقعو وڃڻ ناهن ڏيندا. پي ٽي آءِ طرفان ان معاملي کي هوا ڏني پئي وڃي. هوڏانهن چين ۽ پاڪستان وچ ۾ معاملا خراب ضرور ٿيا آهن پر ايترا خراب نه ٿيا آهن جيڪي حل نه ٿي سگهن. پاڪستان کي چيني شهرين جي حفاظت يقيني بڻائڻي پوندي. ڪجهه دوست ملڪ وچ ۾ پئي معاملن کي حل ڪرائيندا ۽ ٻنهي طرفن کان نرمي ڏيکاري ويندي ته اهي معاملا حل ٿي ويندا.