مستونگ (م ڊ ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ پوليس موبائل ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار ۽ اسڪولي ٻارڙن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 22 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
سول اسپتال چوڪ تي گرلز اسڪول ويجهو ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 اسڪولي ٻارڙا ۽ هڪ پوليس اهلڪار ٿڏي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.ڌماڪي بعد مارجي ويل جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٽن زخمين علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو جنهن کانپوءِ مارجي ويلن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو، مارجي ويلن ۾ پنج اسڪولي ٻارڙا، هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ واٽهڙو شامل آهي.ڌماڪي ۾ سول اسپتال چوڪ تي موجود پوليس موبائل ۽ رڪشا سميت ڪيترن ئي گاڏين کي به نقصان پهتو.صحت واري صوبائي وزير بخت ڪاڪڙ ۽ سيڪريٽري صحت مجيب الرحمان سول اسپتال ڪوئيٽا، بي ايم سي اسپتال ڪوئيٽا ۽ ٽراما سينٽر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي.سمورين ڪنسلٽنٽس، ڊاڪٽرز، فارماسٽس، اسٽاف نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي اسپتالن ۾ گهرائي ورتو.هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف پاران مستونگ ۾ اسڪول ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي، وزيراعظم ڌماڪي ۾ ٻارن ۽ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيدن ۽ سندن خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.وقتي صدر مستونگ ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي، وقتي صدر يوسف رضا گيلاني ٻارن ۽ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته دهشتگرد عنصر انسانيت جا دشمن آهن. ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي مستونگ ڌماڪي جي مذمت ڪندي صوبائي گهرو وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.