26هين آئيني ترميم، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾26ھين آئيني ترميم خلاف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اشرف سمون سميت ٻين جي داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پاران 26هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي اٽارني جنرل آف  پاڪستان ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو، عدالت ۾ تحريڪ انصاف جي وڪيل علي طاهر جو چوڻ آهي ته ڪهڙي به طرح آئيني بنيادي ڊهانچي کي تبديل نٿو ڪري سگهجي، چيف جسٽس محمد شفيع صديقي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اوهان هن مهل تائين واضع ناهي ڪيو ته ڪهڙي طرح ترميم ڪرڻ سان عدليه تي حملو تصور ڪيو ويندو. ڇا توهان آرٽيڪل 239 جو جائزو ورتو آهي، آئين جي آرٽيڪل 239 موجب، آئين جي ڪنهن به ترميم تي  عدالت ۾ سوال نٿو ڪري سگهجي، چيف جسٽس چيو ته اسان وٽ اختيار سپريم ڪورٽ وانگر نه آهن جنهن باوجود اسان هي درخواستون ٻڌنداسين، جيڪو اسان ڪري سگهون ٿا هو ڪنداسين، درخواستگذار جو چوڻ آهي ته عدليه رياست جو اهم ستون آهي جنهن ته حملو ڪيو ويو آهي، 26هين آئيني ترميم کي معطل ڪيو وڃي .

  1. ججن جو انگ وڌائڻ بابت قانون سازي ملتوي

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت ججن جو انگ وڌائڻ بابت قانون سازي جو عمل ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت سپريم ڪورٽ جي ججن جي تعداد بابت بل جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. جڏهن ته ذريعن موجب ججن جي مقرري تي قانون سازي جو عمل هاڻ ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب حڪومت ججن جي تعداد لاءِ قانون سازي ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته حڪومت 27هين ترميم يا عدليه بابت ڪو به بل پيش ڪرڻ کان اڳ مولانا فضل الرحمان کي آن بورڊ وٺڻ چاهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.