شهبازشريف،مراد علي شاهه پاران هندو برادري کي ڏياري جون واڌايون

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هندو برادري کي ڏياري جي ڏڻ جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته سنڌ امن ۽ محبت جي ڌرتي آهي، هتي سمورا مذهب پنهنجون خوشيون آزادي سان ملهائيندا آهن، سنڌ سميت سڄي دنيا جي هندو برادري کي ڏياري جون مبارڪون هجن،هن چيو ته ڏياري روشنين سان گڏ خوشي جو ڏڻ آهي، هو پنهنجي هندو ڀائرن سان خوشي جي ڏڻ ۾ برابر جا شريڪ آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي اقليتي ماڻهن کي حڪومت ۽ ٻين انتظامي ادارن ۾ نمائندگي ڏني آهي، هوڏانهن وزيراعظم شهبازشريف ڏياري جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته ڏياري اونداهي تي روشني ۽ اميد جي مايوسي تي فتح جي جشن جي عڪاسي ڪري ٿي، سڄي دنيا ۾ هندو برادري کي منهنجي پاران ڏياري جون خوشيون مبارڪ هجن،پاڪستان ۾ متحرڪ هندو برادري جي گران قدر خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.