سنڌ جي پُٺتي پيل علائقي محراب پور ۾ ھڪ مِسڪين پورھيت ڪاٺير جي گھر ۾ جنم وٺندڙ پروفيسر ڊاڪٽر ضمير احمد سومرو جيڪو ڪنھن لنڊن جي اسڪول يا ان ٽائپ ڪنھن ماڊرن پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙھڻ بدران پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم محراب پور ۽ لاڙڪاڻي جي تباھ حال سرڪاري ادارن مان ئي حاصل ڪئي ۽ پوءِ پنھنجي ڏاھپ سان دُنيا جا مُختلف مُلڪ جيئن جرمني ۾ ڪلينڪ فيلوشپ ڪري پاڻ مڃائڻ ۽ روس ۾ رشين ٽيڪنڪ رشيا ۾ پھريون پاڪستاني ٿيڻ پِڻ آھي ان سميت ھُو عالمي طور تي پڻ پاڻ مڃائي چُڪا آھن.
ڊاڪٽر ضمير 1988ع ۾ پنھنجي ضِلعي ۾ ٽاپ ڪئي ھُئي ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايم بي بي ايس( MBBS )۽ جناح ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ايف سي پي ايس(FCPS) اورٿوپيڊڪ (orthopedic) ڪئي. ۽ بَون اسپيشلسٽ (Bone specialist) ٿيا ۽ ھاڻ سائين مُلڪ جي مُکيہ ماھر ڊاڪٽرن ۾ شُمار ٿين ٿا. پروفيسر ڊاڪٽر ضمير احمد سومرو جا ميڊيڪل فِيلڊ ۾ مُختلف ريسرچ پيپر نِيو بون فارميشن New bone formation سميت ٻيا ريسرچ پيپر دُنيا جي مُختلف مُلڪن آسٽريليا، يُورپ ۽ جرمني جا مُختلف اِدارا پڙھي چُڪا آھن.
سائين کي جِتي ميڊيڪل فيلڊ ۾ مڃتا ماڻڻ ڪري سائنسدان چئي سگھون ٿا اُتي سائين علم ادب توڙي ان جي صِنف شاعري جو وڏو مداح آھي ته اُن حساب سان سائين تي لفظ فلسفي ۽ ڏاھو پِڻ ٺھي ۽ خُوبصورت لڳي ٿو. سائين موجودہ وقت ۾ به ميدان عمل ۽ جُستجو ۾ آھن سائين 2022 ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ بطور پرنسپال مقرر ٿيا اُتي پڻ تباھ حالي جو شڪار ٿيل ان اداري ۾ به پنھنجي عظمت سان پاڻ ملھايو ۽ ڳڻائڻ لائق ڪارناما سرانجا ڏنا، جن ۾ اھم ڪارنامو پيڊس آرٿوپيڊڪ ڊپارٽمينٽ (Peads orthopedic) جو بُنياد وجھڻ آھي جنھن جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جھڙي نامور اداري ۾ اشد ضرورت ھُئي ان کانسواءِ سدا تباھ حال پيل چانڊڪا ميڊيڪل جي چارج وٺڻ دوران پُورو ڪاليج برساتي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻُڏل ھو جيڪو ھڪ وڏو چيلينج ھو جيڪو سائين ہنھنجي سچائي جستجو ۽ محنت سان پُورو ڪري ڏيکاريو ۽ پُوري چانڊڪا کي تدريسي عمل ھلائڻ لائق بڻايو.
ھينئر به سائين آرٿوپيڊڪ ڊپارٽمينٽ ۾ بطور ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ HOD جي پڻ ڏينھن رات ھڪ ڪري پنھنجي ڪوششن سان بھتر کان بھتر ڪاوشون سرانجام ڏئي رھيا آھن. سنڌ کي اھڙن سچائي، اڏول، ۽ ايماندار سميت شفقيت ڀريو ڪردار رکندڙ شخصيتن جي اشد ضرورت آھي جيڪي ئي سنڌ کي مسئلن جي ڄار ۽ جمود جي ڌُٻڻ مان ڪڍڻ جو آخري وسيلو آھن. ۽ اسان تي اھو فرض ٿئي ٿو ته اھڙي وسيع ۽ دانشمند ڪردارن کي ساراھيون ۽ سندس عظمت ۽ انساني ڀلائي جي عملن توڙي ڪارنامن کي ساراھيون جيڪي ھُو لھڻن به ٿا.