ڇاتي جي ڪينسر جي بيماري ۽ اسان جا رويا

تحرير; خالده منير

آڪٽوبر جو مهينو سڄي دنيا ۾ عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جو عالمي مهيني طور ملهايو ويندو آهي، پاڪستان م به ان مهيني جي نسبت سان شهرن ۾ ڪيترن ھنڌن تي عورتن جي ڇاتي جي ڪينسر کان بچاءُ جي حوالي سان آگاهي بابت سيمينار ۽ سيشن منعقد ٿيندا آهن جن ۾ ماهر ڊاڪٽر ڇاتي جي ڪينسر ۽ ڪينسر کان بچاءُ متعلق تمام ڪارآمد ڄاڻ ڏيندا آهن ۽ جيڪي عورتون ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا آھن انھن کي مناسب علاج،  دوائن سان گڏو گڏ صحت بخش غذا ۽ احتياطي تدبيرون پڻ ٻڌائيندا آهن جنهن سان مريض تيزي سان ان مهلڪ بيماري کان پاڻ کي بچائي آجو ٿي سگهي ٿو.

ڪينسر هڪ اهڙو خوف ڏيندڙ مرض آهي جو ان جو نالو ٻڌي ماڻهو جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويندا آهن پر هن وقت سائنسي ٽيڪنالاجي جي ترقي ذريعي جديد علاج متعارف ٿي چڪا آهن، جن جي ذريعي هي بيماري قابل علاج آهي پر شرط اهو آهي ته ڪينسر جي تشخيص وقت سر ٿئي ۽ وقتائتو ان جو علاج شروع ڪيو وڃي ته مرض ڪنٽرول ۾ اچي ويندو آهي. سو اھڙي ڪنھن به صورتحال ۾ خوفزده يا مايوس ٿيڻ جي بجاءِ فوري طور ڊاڪٽر سان لهھ وچڙ ۾ اچڻ گهرجي. بيماري چاهي وڏي هجي يا ننڍي پر ان جو علاج بروقت ڪيو وڃي ته مرض اڳتي وڌڻ کان روڪي سگھجي ٿو.

ڪينسر جي بيماري جو جيڪڏهن پهرين اسٽيج تي علاج ٿئي ته ختم ٿي ويندي آهي، ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ 2023 جي ڪاٿي موجب ٽوٽل آبادي 25 ڪروڙ 12 لک 67 هزار 100 سو 64 آهي جنهن موجب 14 ڪڙور 90 لک 4 هزار 9 سو 14 آبادي ٻهراڙي ۾ رهي ٿي، مطلب ته ڪل آبادي جو 60 سيڪڙو آبادي ٻهراڙي ۾ رهي ٿي اها آبادي ڪيئن رهي ٿي اهو به عالم آشڪار آهي جتي نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، نه گيس، نه اسڪول، نه صحت جي حوالي سان سرڪاري اسپتالون، نه ئي ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر آھن. مطلب ته ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي ڊسپينسري يا عطائي ڊاڪٽرن جي رحم و ڪرم تي آهي جيڪي مريض جون ٽيسٽون ئي نه ڪرائيندا آهن بغير تشخيص جي ُڌڪي تي مريض کي دوا لکي ڏئي ڇڏيندا آهن، پوءِ مريض جو نصيب بچيو ته بچيو مئو ته ڇٽو، مرد ته اڃان به شهر وڃي ڪنهن چڱي ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرائي دوا وٺندا آهن باقي ٻهراڙي جون عورتون وڏن شهرن جي وڏين اسپتالن ۾ ان وقت پهچنديون آهن جڏهن سندن مرض آخري اسٽيج تي هوندو آهي، ۽ پوءِ ڪا دوا درمل کين نه بچائي سگهندو آهي، ان ڪري جڏهن ڪراچي ۾ مريض ويندو آهي ته ٻهراڙي جون عورتون چونديون آهن ادي هاڻي ڪو نه بچندي، اھا صورتحال ٻھراڙي جي عورتن جي ساري زندگي جو ڄڻ ته حصو ئي آھي.

ٻئي پاسي عالمي طور هر سال آڪٽوبر جو مهينو عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي بچاءُ ۽ آگاهي طور ملهايو ته ويندو آهي ۽ هي مهينو پاڪستان ۾ به ملهايو وڃي ٿو پر اهو صرف شهرن تائين محدود آهي پورو مهينو مهم هلائي ويندي آهي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ عورتن جي ڇاتي جي ڪينسر جي بچاءَ لاءِ آگاهي جاڳرتا سيمينار، سيشن ۽ ورڪشاپ ٿيندا آهن، جيئن بيماري جي شروعاتي مرحلي ۾ تشخيص ڪري زندگي بچائي وڃي، پر ٻھراڙي جي عورتن تائين اھا آگاھي ڪيتري پھچي ٿي، يا ٻھراڙي جي عورتن جي اھڙن آگاھي پروگرامن ۾ ڪيتري شرڪت ھجي ٿي اھو خود وڏو سوال آھي.

ھوڏانھن گڏيل قومن جي عالمي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشنس مطابق دنيا ۾ عورتن ۾ ڇاتي جو ڪينسر تيزي سان وڌي رهيو آهي ان لاءِ عورتن ۾ جاڳرتا جي مهم تيز ڪئي وڃي ته جيئن هن بيماري کي ڪنٽرول ۾ آڻي سگهجي. هڪ رپورٽ مطابق هر سال دنيا ۾ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو ڪينسر ۾ مبتلا ٿين ٿا ان ۾ 82 سيڪڙو ماڻهو موت جو شڪار ٿين ٿا جنهن ۾ ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا عورتن جو وڏو انگ شامل آھي، پاڪستان ۾ هر سال 15 لک کان وڌيڪ ماڻهو هن موذي مرض ۾ مبتلا ٿين ٿا، جن جو وقت سر علاج نه ٿيڻ ڪري 80 سيڪڙو ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃن ٿا اهڙي صورتحال ۾ ڏٺو وڃي ته 60 سيڪڙو آبادي جيڪا ٻهراڙي ۾ رهي ٿي جتي عورت کي پوري غذا به نٿي ملي اتي نه ئي بيماري کان بچاءَ لاءِ حڪومت يا مختلف ادارن طرفان ان قسم جا ورڪشاپ سيمينار يا سيشن ڪرايا ٿا وڃن، نه ئي ڪي خاص اپاءَ ورتا ٿا وڃن ته پوءِ اهڙي مهم مان ڪيترن ماڻهن کي لاڀ حاصل ٿي سگهي ٿو.

اسان جو مطالبو آهي ته پاڪستان سان گڏوگڏ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ صحت جي عالمي ڏينهن تي نه صرف شهرن ۾ پر ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ به اھڙي آگاھي مھم هلائي وڃي جتي حقيقي طور ماڻهن کي آگاهي جي وڌيڪ ضرورت آهي نه صرف ڪينسر پر هر بيماري جي بچاءُ جي عالمي ڏينهن تي ڳوٺن ۾ ان بيماري جي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺن ۾ موڪلڻ حڪومت جي اهم ذميواري آهي ۽ پرائيويٽ ادارا به ڳوٺن ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. 60 سيڪڙو آبادي کي نظرانداز ڪري اسان صحتمند معاشري جو خواب ئي ڏسي سگهون ٿا پر بيمارين جي پاڙ پٽي نٿا سگهون اسان جي حڪومت سان گڏ ملڪ جي اهم ادارن کي به گذارش آهي ته هو سنڌ جي ڳوٺن ۾ صحت جي حوالي سان آگاهي جا پروگرام يقيني بڻائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.