ٽنڊوالهيار (رپورٽ : حسرت لغاري) ٽنڊي الھيار جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ٽنڊوالھيار جي چيف ميونسپل آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪتن جي ڏاڙھڻ وارن واقعن ۾ اضافي سبب شهري پاران ڏنل درخواست تي ٽنڊوالهيار جي ميونسپل ڪميٽي جي چيف ميونسپل آفيسر عابد ولي کوسو خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شھرين کي ڪتن جي ڏاڙھڻ تي ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ وڪيل نادر احمد ڪالرو ۽ ايڊووڪيٽ محاذ علي مھر معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج وٽ اھڙي درخواست جمع ڪرائي وئي هئي. ياد رھي ته ضلعي ۾ گذريل ٻن ھفتن دوران ڪتن ڏاڙھڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آھي،
55 ورھين جو عبدالرشيد ڪشميري ۽ 28 ورھين جو وقار قائم خاني فوت ٿي چڪا آهن.