سائفر ٽرائل ۾ جج ابوالحسنات جا ڪارناما ڏٺا آهن:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي جسماني رمانڊ خلاف درخواست تي دهشت گردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين کان وضاحت طلب ڪري ورتي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اي ٽي سي جج جي رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ابوالحسنات جي عدالت ۾ ڪهڙيون ڪئميرائون لڳل آهن؟ اسان وٽ پهرين به ڪيس آيا آهن،جسٽس گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏنا ته سائفر ٽرائل ۾ ان جج جا ڪارناما ڏٺا آهن، دنيا جي ڪنهن عدالت ۾ ان طرح جي ناانصافي ناهي ٿي،جيڪا ان ڪئي، قانون واري وزارت ان کي سپورٽ ڪري رهي آهي، ان کي چيو پيو وڃي ته اهو ئي ڪم ڪريو،ان ڪري توهان کي ويهاريو ويو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.