سانگهڙ(رپورٽ: حسين بلوچ) سانگهڙ جي جهول ٿاڻي حد ۾ جيءُ جهوريندڙ واقعو پيش آيو آهي، گهرو اڻبڻت تان جوابدار پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي جيجل ماءُ، ٻن ڀينرن ۽ ڀيڻوئي کي قتل ڪري ڇڏيو، گرفتاري بعد جوابدار جو ٿاڻي مان گولي لڳل لاش هٿ آيو، جوابدار جو لاش هڪ ڪلاڪ تائين ٿاڻي تي پيل رهيو، پوليس جوابدار جي موت کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پوليس جي وڏي نفري ٿاڻي تي پھتي ۽ بعد ٿاڻي جو گيٽ بند ڪري ڇڏيو، جھول ڀرسان گھنڊڻ اسٽاپ تي جوابدار لاکو ڀيل پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي ماءُ ڪنڪا، ڀيڻ راڌا، ڌڙڪي ۽ ڀيڻوئي ريجھو ڀيل کي گهر اندر قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گهرڀاتين جون زندگيون کسڻ بعد هڪ ٻئي ساٿي سان گڏ موٽرسائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويو، واقعي بعد ڪيتري ئي دير تائين ٽن عورتن ۽ هڪ مرد جو لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيو. پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهتي. وارثن ۽ ڳوٺاڻن سان گڏجي لاش اسپتال منتقل ڪيا، جيڪي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش ڳوٺ پهچڻ تي علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو، ڳوٺاڻن واقعي بابت ٻڌايو جوابدار لاکو ڀيل پنهنجي طلاق يافته ڀيڻ راڌا سندس ويجھي دوست کي ڏيڍ لک رپين ۾ وڪرو ڪري ڏني ۽ جلد شادي ڪري ڏيڻ جي زبان ڏني هئي، جنهن تي جوابدار جي ماءُ ۽ ڀينرون راضي نه ٿيون، جنهن تان ڀاتين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران جوابدار ڪالهه صبح سوير فائرنگ ڪري پنهنجي ڀاتين کي قتل ڪيو،
-
جوابدار پنج ڪلاڪن بعد ٿاڻي تي پهچي پاڻ مٿان فائر ڪيو: پوليس
سانگهڙ: ذريعن موجب چئن گهر ڀاتين کي قتل ڪرڻ جي پنج ڪلاڪ گذرڻ بعد جوابدار لاکو ڀيل جهول ٿاڻي تي پهتو، جتي بعد ۾ سندس موت جو اطلاع مليو ۽ پوليس جوابدار جي موت کي آپگهات قرار ڏيندي چيو ته جوابدار ٿاڻي تي پهچڻ شرط ئي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، جوابدار جي پراسرار موت کانپوءِ اهو سوال اٿيو آهي ته جوابدار لاکو ڀيل کي واقعي بعد موٽرسائيڪل تي فرار ڪرائيندڙ توڙي ٻين سهولتڪارن بابت پوليس جي جاچ ڪيئن ٿيندي؟ جوابدار کان سندس ڀيڻ جو رشتو رقم عيوض وٺندڙ جوابدار به اڃا پڌرو نه ٿي سگهيو آهي، ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي جهول جو چوڻ آهي ته واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي.
-
راڌا طلاق يافته ۽ ڌڙڪي حمل سان هئي، 10 کان وڌيڪ ٻارڙا يتيم ٿي ويا
سانگهڙ: علائقي واسين موجب وحشي ڀاءُ هٿان قتل ٿيندڙ راڌا کي هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي ۽ هوءِ طلاق يافته هئي، راڌا جي هڪ نياڻي جي شادي ٿيڻي هئي، جڏهن ٻي ڀيڻ ڌڙڪي کي ستن ٻارن جو اولاد آهي هو حمل سان هئي، ٽن عورتن ۽ هڪ مرد جي مارجي وڃڻ ۽ انهن کي قتل ڪندڙ جوابدار جي موت بعد مجموعي طور 10 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا يتيم ٿي ويا آهن.
-
جوابدار کي ماءُ جي شڪايت تي زميندار سال اڳ لڏرائي ڇڏيو هو
سانگهڙ: ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ سال اڳ جوابدار جي ماءُ ڪنڪا جي شڪايت تي مقامي زميندار سندس پٽ لاکو کي لڏرائي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ هو جدا رهندڙ هو، ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سڀني جو موت گوليون لڳڻ ڪري ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.