سنڌ جا خدشا ختم ٿيڻ تائين چولستان ڪئنال نه ٺهڻ گهرجي: رضا رباني

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته چولستان ڪينال منصوبي تي عمل نه ٿيڻ گهرجي ها ڇو ته سنڌ کي ان تي سخت تحفظات آهن، پنهنجي بيان ۾ رضا رباني جو چوڻ آهي ته سنڌ  تڪراري چولستان ڪينال منصوبي جي مخالفت ڪري ٿي، وفاقي حڪومت ان جي تعمير کان پاسو ڪري، سنڌ حڪومت ان کي رد ڪري ڇڏيو هو ته پوءِ سي ڊي ڊبليو پي کي تڪراري منصوبي جي منظوري نه ڏيڻ گهرجي ها، سنڌ حڪومت اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاريو آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل تڪراري منصوبن تي فيصلي لاءِ مناسب آئيني فورم آهي، سي ڊي ڊبليو پي جو فيصلو ۽ سي سي آءِ آڏو معاملو پيش ڪرڻ کانسواءِ ايڪنڪ موڪلڻ آئيني عمل کي نظرانداز ڪرڻ برابر آهي.رضا رباني وڌيڪ چيو ته هي منصوبو هڪ صوبي جي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، وفاقي حڪومت 90 ڏينهن گذرڻ باوجود سي سي آءِ جو اجلاس نه گهرايو جيڪو آئين جي ڀڃڪڙي آهي.سنڌ حڪومت جي درخواست تي فوري طور تي سي سي آءِ جو اجلاس گهرايو وڃي ۽ چولستان ڪينال منصوبي تي سنڌ جي خدشن کي نظر ۾ رکندي غور ڪيو .

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.