حيسڪو،سيپڪو،ڪي اليڪٽرڪ سربراهن کي اسيمبلي ۾ گهرايو وڃي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته حيسڪو سيپڪو وسيلي بجلي فراھمي جي حوالي سان  اجلاس ٿيو ،حيسڪو،سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ڪميٽي جو مينڊيٽ ھو،اسپيڪر رولنگ ڏئي ته ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد ڪيو وڃي۽ بجلي ورهائيندڙ ٽنھي ادارن جي سربراهن کي ھتي گھرايو وڃي،ڪميٽي جيڪا راءِ ڏني ھئي ته ان تي عمل ڪرايو وڃي،اگر نٿا ڪن ته انھن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي،اھڙو اظھار ھن سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران ڪيو ھن چيو ته کاتي ۾ ڪيش ليس نظام شروع ڪيو ويندو جن کي آن لائن جي خبر ناھي اھي چالان حاصل ڪري بينڪ ۾ جمع ڪرائن،ايڪسائيز کاتي جي ايل کي انتھائي آسان رکيو ويو آھي،ھاڻي ماڻھون گھر ويٺي رجسٽريشن ڪرائي سگھن ٿا، ھن چيو ته ھاڻي  ڪابه اڻ رجسٽر گاڏي روڊ تي نظر نه ايندي،ھن چيو ته پريمئيم نمبر پليٽ 10 ڪروڙ م وڪرو ٿي آھي،اھي پيسا ٻوڏ متاثرن جا گھر ٺاھڻ لاءِ ڏنا پيا وڃن، چنگچي رڪشائن تي پابندي آھي،اھي عدالت پاران اسٽي تي ھلي رھيا آھن ،شھر مان بس اڏا ختم ڪيا ويا آهن يونيورسٽين م منشيات خلاف ڪاروائيون شروع ڪيون ويون آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.