اسلام آباد(عمران شفقت)حڪومتي حلقن ۾ اڻ ڏٺو خوف ڇانيل،عمران خان سان ڊيل ته نه پئي ٿئي؟اسلام آباد جي هوائن ۾ وري افواهن جي بازار گرم آهي، ساڃاهه وند چئي رهيا آهن ته حڪومت هن وقت به ڊنل ڇو آهي؟ڪڏهن وزير چون ٿا ته 27هين ترميم ايندي ڪڏهن چون ٿا نه ايندي،ايس سي او ڪانفرنس کانپوءِ ملڪ جي سياسي منظرنامي تي سڪون ۽ خاموشي ڇانيل آهي،اها خاموشي ڪنهن وڏي طوفان جو پيش خيمو ته ناهي،بشريٰ بي بي جيل مان آزاد ٿي پشاور ترسيل آهي، هن جي خاموشي به هڪ پيغام آهي،اقتداري شهر ۾ رهندڙ سوال پڇي رهيا آهن ته حڪومت پريشان ڇو آهي؟ اهو به چيو پيو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن به مستقل طور ڪنهن سان گڏ ناهي رهي،نه ئي هميشه لاءِ ڪنهن جي مخالفت ڪئي،ماضي ۾ بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف کي قبول ڪيو ويو،اڳتي ٿي سگهي عمران خان کي به قابل قبول ڪيو وڃي،جڏهن ته اسلام آباد ۾ چيني سفير گذريل ڏينهن وڏي ڳالهه ڪئي، هن جو موقف هو ته اسان جا ماڻهو مارجي رهيا آهن، جيستائين چينين کي تحفظ نٿو ملي سي پيڪ نٿو ٺهي سگهي،ٻن مهينن ۾ اسان جي ڪارڪنن تي حملا قابل قبول ناهن،دهشت گردي ختم ٿيڻ تائين سي پيڪ فيز ٽو شروع نٿو ٿي سگهي،ماضي ۾ جنرل باجوا ۽ جنرل فيض حميد عمران خان جو ڪلهو استعمال ڪري سي پيڪ رٿائن کي ملتوي ڪرايو،موجوده حڪومت ۽ فوج سي پيڪ جاري رکڻ لاءِ چين کي خاطريون ڪرائي رهيا آهن.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 31 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو