ڪراچي (رپورٽر ) پيپلزپارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زردري ان ملڪ جي نوجوانن جو حقيقي ليڊر آهي ۽ 26 هين آئيني ترميم تي پاڻ ۾ اعتماد جو فقدان هو، ان خلا کي بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن پورو ڪيو، اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته 26 هين آئيني ترميم بلاول ڀٽو زرداري جي اڻٿڪ محنت ۽ دانشمندي جو نتيجو آهي، هو ننڍي عمر جو ضرور آهي پر سلجهيل ۽ قابل سياستدان آهي. ملڪ ۾ جڏهن به آئيني ترميم يا آئين سازي جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته ڀٽو پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪندو آهي، هن چيو ته وڪيلن 26هين ترميم جي حمايت ڪئي، 27 هين ترميم تي هن وقت ڪو بحث ناهي پر 27 هين ترميم تي ڪا پابندي به ناهي.