ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اسماعيل ڏاهري ۽ سندس مائٽ تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت آءِ جي سنڌ کي اسماعيل ڏاهري سميت مائٽ تي وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، درخواستگذار حميده ڏاهري ۽ فريده ڏاهري پنهنجي وڪيل سجاد احمد چانڊيو معرفت موقف اختيار ڪيو ته اسان جي ڀاءِ اسماعيل کي حمڪران جي خلاف آزاد اميدوار چونڊ ويڙهڻ تي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي، سنڌپوليس پنهنجي قانوني ذميواريون اپنائڻ بدران حڪمران جماعت جي فورس طور ڪم ڪري رهي آهي، وڪيل جو چوڻ هو ته سنڌ پوليس پنهنجي اختيار غلط استعمال ڪري رهي آهي، پوليس روزاني گهرن تي چڙهائي ڪري قميمتي سامان ۽ ٻيون شيون ڦر ڪري ويندي آهي، اسان جي خاندان جي مردن کي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي ۽ عورتن تي تشدد ڪيو پيو وڃي، اسماعيل ڏاهري کي جان جو خطرو آهي، جنهن ڪري اسان جي مائٽن کي ڪراچي جي ڳوٺ ۾ رهڻ پيو آهي، عدالت موقف ٻڌڻ کان پوءِ ايس ايس پي ملير کي پوليس جي هٿان اغوا ٿيل علي مصطفيٰ ڏاهري کي 7 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته جاچ ڪميٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو آهي ته هن سموري واقعي جي جاچ ڪري 7 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي .