سنڌ جي اعتراضن باوجود تڪراري منصوبن جي منظوري ڪيئن ڏني وئي؟:اياز لطيف

حيدرآباد ( پ ر)  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي سنڌ کي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي، پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. ايندڙ وقت سنڌ لاءِ وڌيڪ ڏکيو آهي. زرداري ليگ کي سنڌي ماڻهن جي تڪليفن جي ڪا به پرواهه ناهي، سنڌي عوام تي تڪليفون اچڻ سان ڄڻ زرداري ليگ ۽ سندس ڪرپٽ سنڌ حڪومت جي لاٽري کليو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو  ته چولستان ۾ 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آءِ تعصب ڪندڙ ثابت ٿيا آھن. چار سئو ڪلوميٽر ڊگھي ساحلي پٽي واري سنڌ بيروزگاري ۾ تڙپي رھي آھي. سنڌ جي اعتراضن باوجود سي ڊي ڊبليو پي تڪراري منصوبن جي منظوري ڪيئن ڏني آھي؟ اياز لطيف پليجي چيو ته زرداري صاحب، وزيراعظم صاحب ٻڌو وڌيڪ ڪئنال ٺھڻ نه ڏينداسين.اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياھه سنڌ جو ساھه آھي، سنڌو درياهھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھه سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي ته انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو به ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.