حصو ٻيو
ڪتاب جي ستين ڪھاڻي "واٽر لو” به ڊفرنٽ موضوع تي لکيل آهي. پر "مان” يعني ضمير متڪلم جي اسٽائيل ۾ سڀني ڪھاڻين جي مک ڪردار جي تسلسل کي برقرار رکندي اسان جي ھن گهڻ پڙھيي ۽ خاص ڪري فڪشن کي وڌيڪ دلچسپيءَ سان پڙھندڙ ليکڪ ڪردار جي عمر جو ليکو چوکو ۽ ننڍپڻ کان تعليم پرائڻ جو حساب ڪتاب ذھن ۾ رکندي حيرتناڪ انداز ۾ ان جي تخليق ڪئي آهي.
فرسٽ ييئر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، لاڙڪاڻي ۾ ستر جي ڏھاڪي ۾ پڙھندڙ ھن ڪھاڻي جي ڪردار کي منظور صاحب تنھن زماني جي شھر جي يادن، سينيمائن، انهن ۾ لڳل فلمن سان جوڙي "واٽر لو” انگريزي فلم ڏسڻ واري ماحول ۾ وٺي وڃي ٿو. نيپولين بوناپارٽ جي "واٽر لو” جي جنگ مان ان جي شاندار عڪاسي ڪندي، گهمائي، ان جي واتان چيل پنھنجي ڪھاڻيءَ جي سندس تخيلاتي گهرج آھر ھن جملي کي قول جو درجو ڏئي، نمايان ڪري ٿو ته،”منھنجي حڪمت عملي اھا رھي آھي ته دشمن سان اڳتي وڌي مقابلو ڪجي. ھارَ ٿيندي يا جيت ٿيندي، اھو فيصلو قسمت ڪندي…!”
اھو مفھوم ڪھاڻيءَ جي پُڄاڻيءَ واري پوڙهي عورت جي ۽ ھر ماڻهوءَ جي حياتيءَ سان فيلسوفاڻي ٽُئِسِٽ ڏئي ملائي ڳُوڙھي مطالعي واري ماڻهوءَ کي ان جي سوچ جي معيار موجب آڇيو آهي، پر عام پڙهندڙ تائين به ان جي سمجهه موجب زندگيءَ يا جياپي جي جستجوءَ کي جھڙي تھڙي حال ۾ ھارَ يا جيت جي صورت ۾ جاري رکڻ واري پنھنجي يونيورسل پيغام رسائڻ ۾ پڻ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
اٺين ڪھاڻي "غلطي” جو پھريون پيراگراف منظور ڪوھيار صاحب ھن طرح تحریر ڪيو آهي ته،”چوندا آهن، ته ھر جوانيءَ اندر بھار جي موسم موجود ھوندي آھي. جنھن جو ٻاھرين موسم سان ڪو تعلق ناهي. پر پنھنجي جواني عجيب ھئي، جنھن ۾ نه اڃا گُل ٽڙيو، نه بلبل ٻوليو. فطرت ته عشق جو ٻج ھر دل ۾ ڇٽيندي آهي. پر جيستائين پيارَ جي پِيچَ نه ملي، تيستائين بُٺُ زمين ۾ عشق ڀلا ڪيئن انگورجي…؟”
نثر جي ھن انداز کي پاڻ” شاعراڻو نثر” چوندا آھيون. جنھن جو ادب جي دنيا ۾ درجو اُتم سمجهيو ويندو آهي. منظور صاحب جي ھن نموني جو انداز بيان ۽ ان ۾ ٻوليءَ جي حُسن ڪاري سندس ھن ڪتاب ۾ ھيل تائين پڙھيل ڪھاڻين توڙي اڳ ۾ سمورين ڪھاڻين جي ڪتابن، ناولن، ڊرامن ۽ ڪالمن ۾ ھن کي ٻين ليکڪن جي وڏين قطارن مان الڳ مانَ ۽ مرتبي جي لائقيءَ جو مستحق قرار ڏئي ٿي.
حيرت جي ڳالهه آهي ته، يگاني سوچ وارو ھي ليکڪ ٻين ليکڪن جيان پنھنجي ھر لکڻيءَ تي، ان جي سرجڻ مھل پنجن ئي حواسن کي مرڪوز ڪندو آهي ۽ ڇھين حواس کان ڪڏهن ڪڏهن مدد طلبيندو آهي، پر ھي لفظن جي وھڪري ۾ ھر ھنڌ ڇھين حواس کي ساھ ۾ سانڍي ھلندو آهي.
ھيءَ ڪھاڻي پڙھندي ۽ ان جي گهٽين پيچرن مان گذرندي، ڄامشوري جي جوان جسمن جو ھُڳاءُ کڻي گهلندڙ ھوائن جي نَسَ نَسَ ۾ سُرھاڻ اوتيندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ستر جي زماني جو سير ڪندي، ھر منظر کي چٽو ڏسندي ۽ "مان” ڪردار سان گڏ گڏ ھلندي، نون نون ڪردارن سان ملندي، ،سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ اڇوتين ۽ انوکين تشبيھن مان لطف اندوز ٿيندي، جڏهن ان جي آخري سِٽَ تي پھچي ساھي پٽجي ٿي، ته ڪھاڻيءَ جو ڪاڪ محل اڏيندڙ جي استاديءَ جو احساس اکين جي جوت کي ۽ سوچن جي وسعتن کي نئين جلوي سان آشڪار ڪري وڃي ٿو.
نائين ڪھاڻي "ماءُ جي ھنجَ” ھڪ فوٽ بال جي رانديگر جي حياتيءَ کي فوڪس ڪري ٿي. جنھن جو ھيڏي ساري جڳ ۾ پيءُ مرڻ کان پوءِ واحد سھارو ماءُ آهي، جنھن جي پڻ زندگيءَ جي جهلڪ ڪھاڻيڪار منفرد انداز ۾ پينٽ ڪئي آهي. ڪھاڻيءَ ۾ فوٽ بال راند جي مڪمل ڄاڻ سان گڏ رانديگر جي عشق (جيڪو جنون جي چوٽيءَ کي رسيل آهي) کي قلم جي گھري ٽچ ڏنل آهي. جنھن سبب ڪھاڻي منظور ڪوھيار صاحب جھڙي قد بت واري ليکڪ(جيڪو پڻ پنھنجي زماني جو بھترين رانديگر رھيو آھي) جي سڃاڻ جو نئون حوالو ته بڻجي پئي آهي، پر پڙھندڙ کي به ان راند جي حوالي سان نئين ڄاڻ سان آراسته ڪندڙ آهي. ٻوليءَ، ڪردار نگاريءَ ۽ منظر نگاريءَ سان گڏ ڪھاڻي پڻي جي ڪسوٽيءَ تي به ڪھاڻي پوري لھندڙ ۽ اسان جي ادب ۾ نئين موضوع جو اضافو ڪندڙ آهي.
ڏھين ڪھاڻي "فقير ماڻهو” منظور ڪوھيار صاحب بنھين سادي اسلوب سان تحرير ڪئي آهي، پر ان سادگيءَ ۾ ھو ھڪ دور جو تمام گهڻو ۽ گھرو درد پڙھندڙ جي دل ۾ اوتڻ ۾ سڦل ويو آهي.
"فقير ماڻهو” جي موضوع، ڪردار نگاري توڙي ڪھاڻيءَ جي ٻين لوازمات سميت انسان پڻي جو ميسيج به ھن جنھن نوع ۾ ڪميونيڪيٽ ڪيو آهي، سو ستر جي ڏهاڪي جي ان شروعاتي دور جي ٻوليءَ جي حوالي سان رونما ٿيل سانحي جي مڪمل طور تي نندا ڪندڙ آهي. جيڪا ھن اندر جي اُجرائپ ۽ روشن خياليءَ واري سوچ کي نمايان ڪري حقيقي ترقي پسندانه فڪري لاڙي کي پڻ واضح ڪري ٿي.
ڪتاب ۾ يارھين ڪھاڻي "ھُما” جي نالي سان شامل ڪيل آهي. جيڪا ٻھراڙيءَ جو پيش منظر رکندڙ بيحد ئي شاندار ڪھاڻي آهي. جنھن جو مرڪزي نقطو ته ڳوٺ جي لڳ ھڪ جهنگ جي چُکِي آهي، جا "مان” ڪردار جو چاچو ڪيسُ لڙي ۽ کٽي پنھنجي پاسي ڪري ٿو. پوءِ. جهنگُ ساڙائي پوکيءق لائق بڻائڻ چاهي ٿو. پر ڳوٺ جو درويش صفت انسان ھن جي آڏو اِھو چئي رڪاوٽ بڻجي ٿو، ته ان ۾ ھُما پکي رھي ٿو. جيڪو ھن ڳوٺ جي ڪنھن نه ڪنھن فرد جي ڪلهي تي ويھندو، ته اُھو بادشاھ ٿيندو. ڳوٺ جي نوجوانن جي پڻ ھن کي حمايت حاصل آهي ۽ ان سبب مرڪزي ڪردار جو چاچو حيلا وسيلا ھلائي ھڪ مُلان سان درويش جو مناظرو ڪرائي ٿو.
ھي مناظرو منظور ڪوھيار صاحب ايڏي ته ڊفرنٽ ۽ دلچسپ انداز ۾ ڪھاڻيءَ جو اڻٽٽ حصو بڻايو آهي، جو ذھن تي ڇاپِي اکرن وانگر نقش ٿي وڃي ٿو. ان کان پوءِ ڪھاڻي ڪيئن مست درياهه جي وھڪري جيان پنھنجا گس گهيڙ ٺاھيندي پڙھندڙ کي ڪنھن سيرَ ۾ آيل ٻيڙيءَ سمان تاريندي ۽ اُڏاريندي پنھنجي منزل تي وٺي وڃي ٿي، سو ڪھاڻيءَ جي گهرج آھر فطري ته آهي ئي، پر دل اندر پنھنجي وڏي ۽ ويڪري جاءِ جوڙيندڙ پڻ آهي. ٽريٽمينٽ، گفتگو ۽ مقصد جي لحاظ کان به ڪھاڻي پنھنجي سڃاڻپ الڳ ۽ مٿڀري رکي ٿي.
ڪھاڻيءَ جو موضوع ڪنھن ھڪ سِٽَ يا لفظ ۾ ڪھاڻيڪار جي ذھن جو دروازو کوليندو آهي، جنھن کي تيليءَ جي مثال سان به رَلايو ويندو آهي، پوءِ جڏهن اُھو لفظن جي سھاري سان ڪاغذن تي ان جو شھر اڏيندو آهي يا تيليءَ مان ٿنڀُ بڻائيندو آهي، تڏهن ھن جي اندر جي رچناڪار جي رُوءِ پنھنجي چڱي موچاري جي پروڙ ڏيندي آهي. منظور ڪوھيار صاحب جي ڪتاب جي زينت بڻيل ٻارھين ڪھاڻي "ھا ادا، ائين…!” سِٽَ جي آئيڊيا مان نه، پر ھڪ لفظ جي مان جنم ورتو آهي.
۽ اھو لفظ، جيڪو تذليل جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي، ڇا ته ذھن ۾ ويھاري، ان کي ھڪ دور جي تاريخ سان ملائي پوءِ ھڪ ڳوٺ سان ان جو تعلق پيدا ڪري اَنا جي باھين جا ڀَڀَڙَ ٻاري ڇڏيا آهن، سي ھن جي ھڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾، سندس ڪھاڻيءَ جي فن واري سُچيتائپ ۽ ڏاھپ جا رڳو ڏسَ ئي نٿا ڏين، پر سينيما اسڪوپ پردي تي ان جو پرتوو به پسائن ٿا.
ھن جي ھڪ اھا خوبي به ھتي بيان ڪندو ھلان ته، ھن جي پنھنجي ھر ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪيل ڪردارن کي "ھلندو، ڦِرندو” ڏيکارڻ وارو ڏانءُ تمام گهڻو منفرد ۽ دل لڀائيندڙ آهي. جن ۾ ھر ھڪ کي ان جي حقيقي زندگيءَ سان واسطيداريءَ واري ٻولي به ھُو جداري تخليق ڪري ٿو. ان سان اھا ڳالهه به لاڳاپيل آهي، ته ھن جي داستان گوئي جو انداز به ھر ڪھاڻيءَ ۾ ضرورت پٽاندر تبديل ٿيل ھوندو آھي. جيڪو ھن ذڪر ڪيل ٻارھين ڪھاڻيءَ ۾ به ڪھاڻيڪار جي قلم جي رَندن مان انڊلٺ جي رنگن جيان ڪَرُ کڻي بيٺل آهي.
"پاڙي ناھِ پروڙ” ڪتاب جي تيرھين ڪھاڻي درد جو مَھِٽو ڪجهه سبيل ڏيندڙ آهي. جو ليکڪ موضوع جي چونڊ ئي اھڙي ڪئي آهي. ويتر ان ۾ پنھنجي تخليقي چِٽسالي ڪئي آهي، ته پڙھندي ساھ ۾ مونجهه ۽ اکين آڏو لڙڪن ڀرجڻ ڪري ڌنڌ ئِي ڌنڌ ڦٿڪائي ٿو وجهي. ھر ڪردار سان انصاف. زندگيءَ جي روان دوان ھُجڻ جي عڪسبندي. ماءُ جي پيڙا جو سمنڊ. جملن جو فطري جڙاءُ. ڪيترن سنڌي ٻوليءَ جي متروڪ يا لغت ۾ ڇپجڻ کان رھجي وڃڻ وارن لفظن کي تھ خانن مان ڪڍي خوبصورت انداز ۾ استعمال ڪرڻ. ڪھاڻيءَ جي ھر پاسي کي تسبيح جي مڻين وانگر پويُون بيٺا آهن. پڄاڻي به مختصر ڪھاڻيءَ جي گم ٿيل گس کي ڳولي ايندڙ آھي. ڪھاڻيءَ جو تاثر اڳين ڪھاڻين جيان ئي ذھن کي گهڻو ڪجهه نئون ڏئي ٿو وڃي. پر موضوع جي حساب سان احساسن کي ٻين کان الڳ نموني سان ۽ زبري لھس ڏيندڙ آهي. (هلندڙ)
"نماڻي شھزادي” ڪھاڻيءَ جو شمار ڪتاب ۾ چوڏھين نمبر تي آهي. جيڪا پڙھندي ڪوھيار صاحب جي قلم جي ان تيز ٽيمپو چئجي يا طوفاني رواني، ته ان پارَ جو پتو ته پوي ٿو، جيڪو ھونئن ته سندس ھر ڪھاڻيءَ ۾ پرکي ۽ پروڙي سگهجي ٿو. ھن جي ڪھاڻين جو اھو به ڪمال آهي، ته ھڪ دفعو جيڪو به ھن جي ان مخصوص لھجي واري گهيڙ ۾ گهڙي ٿو، ته ڪھاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تائين ھو کيس چئوکنڀو ٻڌيون، پنھنجي فني طاقت سان کنيون ھلي ٿو ۽ اينڊ جي غير روايتي تاثر تي وڃي ھٿ ڪڍيس ٿو ۽ پوءِ ئي ان کي ساھُ کڻڻ جو موقعو فراهم ٿئي ٿو.
ھيءَ ڪھاڻي ڏاڏيءَ جي ڪردار جي ريئل واقعي سان شروع ٿي، جڏهن موڙو کائي لوڪ ڪھاڻيءَ جي ڌرتيءَ تي پير ڌري ٿي، ته وھم گمان ۾ به نٿو اچي ته ليکڪ ان موضوع کي پنھنجي ڪھاڻيڪار واري ڇھين حِسَ کي اڳتي ڪري نئين زماني جي لوڪ ڪھاڻيءَ جو شيپُ ڏئي، پڙھندڙ جي سوچ کي ڄڻ ته ھڪ بيحد ئي انوکي ۽ نئين انداز جي سرچ لائيٽ عطا ڪري ٿو، جيڪا ڏاڏيءَ جي ڪردار جي پوڙھپ جي گهنجن سان نمايان ٿي من ۾ درد جي تمام گهڻي تِکي نشتر سان، پنھنجي موضوع جي مناسبت سان اونهو ٽُڪو ڏئي فڪشن جي تاريخ ۾ علحده جاءِ جوڙي وڃي ٿي.
ڪھاڻيءَ ۾، لوڪ ڪھاڻيءَ جي ويس ۾ موجوده زماني جي ٻوڏ جي پنھنجي ديس ۾ رونما ٿيل تباھين جو سِرو ڳنڍي انهن جي جي عڪاسي پڻ ليکڪ لونءَ ڪانڊاريندڙ منظرن سان ڪئي آهي. جنھن سان، ڪھاڻيءَ جي ان پاسي سان به ليکڪ نڀاءُ عاليشان آهي.
ڪتاب جي پندرھين ڪھاڻي "رواج” ۾ منظور ڪوھيار صاحب پيري مريديءَ جي نندا ڪندي نه رڳو اسان جي روشن خيال مذهب جي اھميت کي اجاڳر ڪيو آهي، پر آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ جي شان کي اعليٰ ڪري بيان ڪيو آهي. جنھن سان ڪھاڻيءَ جو مرتبو بيحد ئي وڏو ۽ گهڻي ۾ گهڻو مٿانھون نظر اچي ٿو.
"چنڊيڪا ديوي” سورھين ڪھاڻي آهي. جيڪا ليکڪ سنئين سِڌي به ڪري لکي آهي، ته ان کي سمجهو پڙھندڙ لاءِ مامَ ۾ يا لڪ ۾ ان جي مفھوم کي ويڙهي پڻ تخليق ڪيو آهي. "چنڊيڪا ديوي” ڪير آهي؟، ان راز کي معلوم ڪرڻ لاءِ ڪھاڻي ھڪ کان وڌيڪ دفعا ورائي ورائي پڙھڻ تي مجبور ڪري ٿي.
۽ جيڪو اُھا ورائي ورائي نٿو پڙهي، اھو ان ۾ ليکڪ جي رمز کي سمجهڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو ۽ ڪھاڻي ان جي دماغ کان مٿان بنا سمجهڻ جي ھوا جي جهوٽي وانگر گذري يا پکيءَ جيان ڀڙڪو ڏئي اک ڇنڀ ۾ اُڏامي وڃي ٿي.
موضوع جي لحاظ کان ھيءَ "مان” ڪردار جي سڀني اڳين ڪھاڻين جي تلسل ۾ نوڪريءَ جي پيرڊ کي ظاهر ڪري ٿي. جنھن ۾ ھن حقيقي واقعي يا وارتا کي ڪھاڻيءَ جا سڀ سينگار ڪرائي اھڙي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو ان جي جنسي بي راهه روي ۽ انساني انتقام جي اُگري ۽ خوفناڪ نفسيات جي آرَ پارَ ۽ آھنگَ کي زندگيءَ جي ھوبھو تصوير واري روپ ۾ وڏي معنيٰ سان ڪھاڻين جي تاريخ ۾ علحده ۽ مٿڀري مقام جو مستحق بڻائي ٿو.
انساني سوچ جا دڳ پيچرا پنھنجا آهن. جيئن ننڊ کان پوءِ خوابن جا. اتر ڏکڻ، جيڪو ھونئن ملائڻ مشڪل نه، پر ناممڪن آهي، سو ماڻهوءَ جي سوچ ۽ تصور جو ڪمپيوٽر ڪيئن ٿو ملائي، ان سوال جو جواب ڳولڻ ڪلون ڦيرائي ڇڏيندو آهي. چريائپ جي حدن ۾ ڌڪي وڃي اڇلائيندو آهي. ڪتاب جي سترھين ڪھاڻي "ڀائو، اوھان ڀليا آھيو…!” اھڙين ئي سوچن جي عڪاسي ڪندڙ آهي. جنھن ۾ تصورن ۽ حقيقتن جي زمين آسمان واري وِٿيءَ کي ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ آخر ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي ھڪ سِٽَ سان ان سُٽَ کي ڪوھيار صاحب پنھنجي قلم جي نوڪ سان سلجهائي، پڙھندڙ جي ذھن کي ٺڪاڻي تي آندو آهي.
ھيءَ ڪھاڻي، ڪيترين ئي ڪھاڻين جو مرڪب آهي ۽ ليکڪ انهن سڀني سان پنھنجي منفرد ۽ گهربل سوجهه ٻوجهه آھر نڀاءُ ڪري جديد ڪھاڻيءَ جي تقاضائن کي پورو ڪيو آهي. جنھن سان شاھ جي سِٽَ کي رلائي مفھوم جي منزل تي پڙھندڙ جي پيرن کي سولائيءَ سان پھچايو آهي.
ڪتاب جي ارڙهين ۽ آخري ڪھاڻي "مِسنگ جِنُ” آھي، جيڪا موضوع جي اُڻت توڙي ليکڪ بي انتھا ذھانت سان الائي ڪيترن ماڳن مڪانن تان گهمائي ڦيرائي، ڪھاڻيءَ ۾ ضرورت موجب ماحول جي عڪاسي ڪري ۽ ساڳي نموني جي پنھنجي اعليٰ درجي جي ڪردار نگاريءَ سان، آڳاٽي داستان گوئيءَ جي ٽچ ڏئي موجوده زماني جي ڏک کي تمثيلي طور شاندار نموني سان سموھي پيش ڪيو آهي.
ائين ھن ڪتاب ۾ شامل منظور ڪوھيار صاحب جي سمورين ڪھاڻين مان گذري جڏهن ڪتاب بند ڪري رکيو اٿم، ته ھڪ سِٽَ ۾ ان لاءِ اھا راءِ اندر مان ڪنڌ مٿي ڪري بيٺي آ، ته ھن اسان جي پڙھندڙ کي سنڌي ڪھاڻيءَ جو آب تاب موٽائي ڏنو آ. سو به سڄي مجموعي جي سڀني ڪھاڻين ۾. جن جي معيار جون ڪھاڻيون ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي ئي سالن ۾ پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون.