اسماعيل ڏاهري جي گرفتاري ۽ انتقامي ورتاءُ!

تحرير؛ جاويد احمد چانڊيو

سياسي مخالفين کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ وڏا جتن ڪياويندا آهن، اهوسچ آهي ته، سياسي انتقامي ڪاررواين جو دور ڪڏهن به ختم ٿي نه سگهيو آهي، آمريتي فيصلا جمهوريت جي اهميت ختم ڪري ڇڏين ٿا، قانون جي دائري ۾ سهپ برداشت ۽ آزادي هر ماڻهون جو بنيادي حق آهي،  پ پ به پنهنجي سياسي حريفن سان هر دور ۾سياسي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻائيندي رهي آهي.

ماضي ۾ پ پ سان لاڳاپيل ۽ پ پ کان سياسي راهون الڳ ڪندڙ ۽ پير صاحب پاڳارا سان ناتو جوڙيندڙ حاجي غلام حسين انڙکي سخت اذيتن ۾ مبتلا ڪيو ويو، هر قسم جا ڪوڙاڪيس داخل ڪيا ويا، بيماري جي حالت ۾ به وڏي سختي ڪئي وئي، ڪيسن ۾بچاءُ لاءِ وڏيون رڪاوٽون وڌيون ويون،  پ پ جي ڳڙهه لاڙڪاڻي ۾ پ پ کي شڪست ڏيندڙ انڙ خاندان مرحوم حاجي غلام حسين انڙ، مرحوم الطاف حسين انڙ پ پ جو لاڙڪاڻي ۾ بهادري سان مقابلو ڪيو، عوامي مقبوليت ۾ پاڻ مڃايو، پ پ جو لاڙڪاڻي ۾ سياسي صفايو ڪندڙ مرحوم حاجي غلام حسين انڙ به سخت سياسي انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻيو، جيل ۾قيد دوران مختلف قسم جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سخت قسم جون اذتيون ڏنيون ويو، مرحوم حاجي غلام حسين انڙ موت کي ڳلي لڳايو، زندگي جي آخري وقت تائين پ پ حڪومت هن جا حوصلا ختم نه ڪري سگهي، ۽ جهڪي نه سگهيو، ساڳو حال جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندر مولانا جان محمد عباسي کي نه بخشيو ويو، پ پ جا سياسي مخالفين ۽ مستقبل ۾ پ پ لاءِ خطرو سمجهندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪر جي سربراهه ڊاڪٽر صفدر عباسي، معظم عباسي،  جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر فهميدا مرزا، اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، اڳوڻو وڏو وزير سنڌ لياقت علي خان جتوئي، ملڪ اسد سڪندر،  ملڪ چنگيز خان،   نوشهرو فيرز جا جتوئي، غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس ڀائر سوٽ، سردار جروار، سردار مير منظور علي خان پنهور، سردارعلي گوهر خان مهر،  حليم عادل شيخ، ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر، واپاري اڳواڻ نياز ٻرڙو، محمد قاسم بوزدار،  سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدرسيد زين شاهه، ٻئي طرف حرجماعت، مسلم ليگ (ف) اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي مختلف وقتن تي حڪومتي ڪارروايون ٿيون آهن، سياسي انتقامي ڪاواين خلاف حڪومت خلاف احتجاجي جلسا،  جلوس، ڌرڻاٿيندا رهيا آهن، معاملو ڪورٽن تائين رهيو آهي ،  مٿي ذڪر ٿيل اڳواڻن ۽ ان جي حامين کي پوليس جو استعمال ڪري غير قانوني غير اخلاقي مظاهرو ڪري ڀرپور سياسي انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻايو ويو، هن وقت سوشل ميڊياتي پراڻو جيالو پ پ جو اڳوڻو صوبائي صلاحڪار سردار محمد اسماعيل ڏاهري جي گرفتاري جووڏو بحث ڇڙيل آهي، هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت گذري چڪوآهي، سيوهڻ جي ڀرسان لڪي شاهه صدرو يجهو آمري پل تي 60 پوليس موبائيل گاڏين سردار محمد اسماعيل ڏاهري جوگهيرو ڪري ان کي گرفتارڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايوويو، جسم تي تشددجانشان۽سيل وارڊ ۾ بند ڪيو ويو آهي،  سردار محمد اسماعيل ڏاهري تي غيرقانوني اسلحو، ۽منشيات سميت بيشمارڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سردارمحمد اسماعيل ڏاهري شهيدراڻي محترما بينظيرڀٽوجي قتل بابت کليل لفظن۾اظهار ڪيو، ڇرڪائيندڙانڪشاف کان پوءِ پ پ جي صفن ۾وڏو ٿرٿلو متل آهي، زبان کولڻ سان ملڪي سياست وڏو زلزلوآيوآهي، سردار محمداسماعيل ڏاهري ڇرڪائيندڙانڪشاف ڪندي چيوآهي ته طالبان جي استاد، اڪوڙاخٽڪ مدرسي جي باني مولانا سميع الحق کي محترمه بينظير ڀٽوجي قتل جوماسٽرمائينڊقرارڏنوآهي، شهيد راڻي محترمه بينظيرڀٽوجي قتل۾ 14اربن ۾ معاملوطئي ٿيو،  سردار محمد اسماعيل ڏاهري جي بي گناهه گرفتاري۽ڪوڙن ڪيسن خلاف عدالت ۾هن جي آزادي لاءِ ڪوشش ڪندڙڀائرن علي رضاڏاهري کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، سردارمحمد اسماعيل ڏاهري جو پورو خاندان اڪثرگرفتار ٿي چڪو آهي،  بيمار۽معصوم نينگرن کي به نه بخشيو ويوآهي، نواب شاهه،  ڄام شورو، دادو،  لاڙڪاڻو جيل۾سردارمحمد اسماعيل ڏاهري جي گهر جا فردجيلن ۾ واڙيل آهن پوليس جي سخت ڪاروائي مان محسوس ٿي رهيوهو ته سردارمحمد اسماعيل ڏاهري جو تعلق ڄڻ ڀارتي جاسوس ياطالبان۽القاعده سان تعلق آهي.

سردارمحمد اسماعيل ڏاهري تي ڪيس ته داخل آهن، پر ان جي زرعي زمين آمد معاش ڪاروبارکي بري طرح ختم ڪيوويوآهي، گهر۾ڇاپي دوران عورتن جو سون۽قيمتي سامان غائب ڪيو ويوآهي، اهڙي واقعي کان پوءِ سردارمحمد اسماعيل ڏاهري جي حامين، همدرن، ڏاهري برداري ۾وڏوانتشار۽بي چيني پکڙيل آهي، عوامي احتجاج جو رستو روڪڻ لاءِدولت پور صفن سميت ٻين علائقن ۾ڪرفيوجهڙو ڏيک آهي،  ٻئي طرف پوليس جون سخت ڪاروايون ڪري محمد اسماعيل ڏاهري جي حامين جو وڏوتعدادگرفتارڪري علائقي ۾ سخت خوف حيراس ڏهڪاءُپکيڙيوآهي، سردار محمداسماعيل ڏاهري جي آزادي۽هن جي حمايت ڏوهه بڻجي چڪي آهي، سردار محمد اسماعيل ڏاهري ڏوهي يا بيگناهه فيصلو عدالت کي ڪرڻوآهي،  سردار محمد اسماعيل ڏاهري جونياڻيون، ڀينرون جيڪي پردي دارگهريلوعورتون آهن،  سردارمحمد اسماعيل ڏاهري جي ڀينرن حميده ڏاهري، فريده ڏاهري، ماسي شريفان ڏاهري، حاجياڻي ڏاهري،  ٻين پهريون ڀيروميڊياتي ڏکن دردن جا داستان کولي ڇڏيا، هنن جو چوڻ آهي ته پوليس جي وهشين ڪارواين ڪري اسان جو جيئڻ حرام آهي، گهرن ۾ڦرلٽ گارگند بدتميزي سميت قتل جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن،  اسان جي گهرن جو سمورا مردجيلن ۾ قيد آهن، پوليس ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي.

اسان چيف آف آرمي،  چيف جسٽس ، حرن روحاني رهبرپيرصاحب پاڳارو، لياقت علي خان جتوئي، ڊاڪٽر قادر مگسي،  سيد زين شاه،  قوم پرست ڌرين،  ميڊياوارن،  انساني حقن سان لاڳاپيل تنظيمن ۽وس وارين اختيارن کي اپيل ڪئي آهي ته  سردارمحمد اسماعيل ڏاهري جي زندگي بچائي وڃي، سمورن بيگناهه قيد مردن کي آزاد ڪري ڪوڙاڪيس ختم ڪيا وڃن، اسان سان انصاف ڪيو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.