فقيرن جون  تجويز ڪيل آئيني ترميمون

تحرير: امر جليل

ڪجهه ماڻهو هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏئي رهيا هئا، مبارڪون ڏيڻ جو ڪارڻ يعني سبب ڪنھن کي سمجهه ۾ نھ پئي آيو ۽ ڪجهه ماڻهن جي سمجهه ُٻجھھ کان ٻاھر هو. مبارڪون وصول ڪندڙ شخص مبارڪون ڏيندڙ شخص کي چيو ” توکي ڪنھن خبر ڏني منھنجا ڀاءُ، تھ مون کي ستن ڌيئرن کان پوءِ پٽ پيدا نه ٿيو آهي.اٺين ڀيري بھ ڌيءَ ڄائي آهي.“

” نھ نھ “ مبارڪ ڏيندڙ شخص چيو ”مان تھ تو کي 26 ھين آئيني ترميم جي مبارڪ ڏئي رھيو ھوس“

حواس خطا ٿيل شخص پڇيو ” ان ڪارنامي کانپوءِ ڇا مون کي پٽ پيدا ٿيندو؟“

ٻئي ڪنھن شخص خوشيءَ مان بي قابو ٿيندي ٻئي ڪنھن شخص کي مبارڪ ڏني. "ڀائو تمام گھڻيون مبارڪون ھجن.”

حيران ٿيندي مبارڪون وصول ڪندڙ شخص پڇيو ” ڇا بصر پٽاٽا سستا ٿي ويا آهن؟

مبارڪ ڏيندڙ ڪاوڙ ۾ڳاڙھو ٿيندي چيو، ”اڙي چريو ٿي ويو آھين ڇا ؟

پريشان حال شخص پڇيو ” تھ پوءِ اٽو، چانور ۽ داليون سستيون ٿي ويون آهن ؟“.

”تنهنجو  مٿو سستو ٿي ويو آهي“ مبارڪ ڏيندڙ شخص غصي ۾ چيو ” پنجويھھ ڪروڙ ماڻھن جي قسمت  کي 26هين آئيني ترميم چارچنڊ لڳائي ڇڏيا آهن“.

تماشو ڏسندڙ هڪ وائڙي شخص پڇيو ”پنجويھھ ڪروڙ ماڻھن جي قسمت کي پنجون ۽ ڇهون چنڊ ڪڏهن لڳندو ؟“   ”وڏي ڪا بدنصيب قوم آھيو اوھان “ مبارڪون ڏيندڙ شخص ڪاوڙ ۾ سامھون پيل ھر شيءَ کي لت ھڻندو اڳتي ھليو ويو.ھن جو هوش جاءِ تي تڏهن آيو جڏهن هن ُٽٽل ُڦٽل زنگيل  لوهي ڪرسيءَ کي لت ھنئي ۽ زخمي ٿيڻ بعد ٿڙندو ٿاٻڙندو ۽ پنهنجي منصب وارن کي 26هين آئيني ترميم جون مبارڪون ڏيندو رھيو ۽ 25 ڪروڙ عوام جي قسمت کي چار چنڊ لڳائيندو رھيو.

حرص ريس ۾ اسان  فقيرن به 27 ھين ۽ 28 هين آئيني ترميمن  لاءِ ڪجهه تجويزون تيار ڪري رکيون آهن.سڀ جون سڀ تجويزون مان توهان کي ڏيکارڻ چاهيان ٿو.توھان انھن تجويزن ۾ ڪجهھ تبديلي، ڪا ڪٽ سٽ يا ڪو واڌرو ڪرڻ چاھيو تھ ڪري سگھو ٿا. اسان توهان جي راِءِ کي اکين تي رکنداسين. توھان ڪجهه تجويزون ٻڌي وٺو.

ايم اين ايز ۽ ايم پي اوز کي hire ۽ fire ڪرڻ   جو قصو توھان فقير جي گذريل ڪالم ۾ پڙھي چڪا آهيو.ھائر ۽ فائر ڪرڻ جي ڳالهه فقير ان ڪري لکي هئي ته ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز هڪ قسم جا سرڪاري ملازم ھوندا آهن.انهن کي ماهوار پگهار  ملي ٿو، سرڪاري رهائش ملي ٿي،اچڻ وڃڻ لاءِ سفري الائونس ملي ٿو،ڊيلي الائونس ملي ٿو. حيرت جي طور تي سرڪار انھن کي حيران ڪندڙ فائدا ۽ رعايتون ڏنيون آهن. قانون ساز اسيمبليءَ ۾ جيڪڏهن اھي خاموش ويٺا ھجن ،اوٻاسيون ڏيندا رھن، کونگهرا رھن ،انھن کي ڇنڊ نھ پٽبي،قانون ساز اسيمبلي ۾ ويٺي ويٺي بور ٿين تھ اٿي اسيمبلي کان ٻاھر ھليا وڃن. سگريٽ جا ڪش ھڻن،ڪيفي ٽيريا ۾ ٽھڪڙا ڏيندا رھن، سينڊوچ ۽ چڪن تندوري کائيندا رھن. انهن کان ڪنھن قسم جي پڇا ڳاڇا نه ٿيندي. اجلاس دوران پنهنجن ساٿين سان گپ شپ ڪندا رھن.ڪيمئرا ۾ٻين جي تقرير دوران کلندا، ڳالھائيندا رھن.ڪو انھن کي خاموش رھڻ جو نھ ٿو چئي سگھي. اهڙي قسم جي ڇوٽ سڄي ملڪ ۾ ڪنهن به سرڪاري ملازم کي نھ ٿي ملي.

ھيءَ جيڪا 26هين ترميم، آئين ۾ ٿي آھي ان مان ظاھر ٿي ويو آھي  ته 25 ڪروڙ جي آباديءَ ۾ ملڪ جا اعليٰ ترين پڙهيل لکيل ۽ ذهين ڇھھ ست سئو ماڻهو آھن،جيڪي اسيمبلين ۾ ويٺا آهن. اھي ايترا لائق فائق آھن جو اعليٰ ترين عدالت جو چيف جسٽس لڳائي سگھن ٿا.هاڻي تھ شايد اعليٰ ترين سائنسدان به اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊيندا .يونيورسٽين جا وائيس چانسلر به ايم اين ايز  چونڊيندا. آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جا پروفيسر به اسيمبلي ميمبرن  چونڊيندا.ٿي سگھي ٿو تھ بري،بحري ۽ ھوائي فوج جي سربراھن جي چونڊ پڻ اسيمبلي  جا پڙھيل لکيل لائق ۽ فائق ميمبر ڪن.واللھ اعلم باالصواب .پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جو فرض بڻجي ٿو ته اھي ڳڻڻ جيترن  لائق ۽ فائق  اسيمبلي ميمبرن جو احترام ڪن. ڏسو نھ، ڪيتري قدر خير خوبي سان اھي ماڻھو ملڪ هلائي رهيا آهن.

ملڪ ۾ امن امان جي مثالي صورتحال آهي. اھڙي اعليٰ صورتحال لاءِ اسان جا دوست ۽ دشمن ملڪ سِڪندا آهن. اسان وٽ ماڻهو اوچتو غائب نه ٿا ٿي وڃن.ڪنھن قسم جي ڦر لٽ نھ ٿي ٿئي. هي اقربا پروري نھ ٿي ٿئي. ميرٽ کي ھر حال ۾ قائم رکيو وڃي ٿو.عدل و  انصاف ۾ اسان ڪيترن ئي ملڪن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.

27 ھين ۽ 28 هين آئيني ترميمن لاءِ فقيرن عاجزاڻي  گذارش ڪئي آهي ته سرڪاري ملازم ھئڻ جي ناتي اسيمبليءَ ۾ ميمبر، چپ چاپ ويٺلن ،اوٻاسيون ڏيندڙن،اخروٽ ۽ چلغوزا کائيندڙن ۽ اوچتو  اسيمبليءَ  اجلاس مان ُاٿي ڪري ٻاھر وڃي سگريٽ جا ڪش ھڻندڙن ۽ ڪيفي ٽيريا ۾ مرغ مسلم کائيندڙن کان ٿوري گھڻي پڇا ڳاڇا ٿيڻ گھرجي.اھڙا ميمبر  پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ وڃي ڪنھن جي ڏک سور ۾ شريڪ ناھن ٿيا،تھ پوءِ ووٽ ڏيندڙ فقيرن کي به اهو قانوني حق ملڻ گهرجي ته اھي پنهنجا ووٽ واپس وٺي من موجي ميمبرن کي فارغ ڪري ڇڏين.

ياد رھي ته ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز پنهنجي مرضيءَ سان اسيمبليءَ ۾ وڃي نه ٿا ويھن. اهي ماڻهو اسان فقيرن جي ووٽ سان اسيمبليءَ جا ميمبر بڻجن ٿا تھ جيئن قانون سازي ڪري سگھن.

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

27 ھين ۽ 28 هين آئيني ترميمن لاءِ فقيرن عاجزاڻي  گذارش ڪئي آهي ته سرڪاري ملازم ھئڻ جي ناتي اسيمبليءَ ۾ ميمبر، چپ چاپ ويٺلن ،اوٻاسيون ڏيندڙن،اخروٽ ۽ چلغوزا کائيندڙن ۽ اوچتو  اسيمبليءَ  اجلاس مان ُاٿي ڪري ٻاھر وڃي سگريٽ جا ڪش ھڻندڙن ۽ ڪيفي ٽيريا ۾ مرغ مسلم کائيندڙن کان ٿوري گھڻي پڇا ڳاڇا ٿيڻ گھرجي.اھڙا ميمبر  پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ وڃي ڪنھن جي ڏک سور ۾ شريڪ ناھن ٿيا،تھ پوءِ ووٽ ڏيندڙ فقيرن کي به اهو قانوني حق ملڻ گهرجي ته اھي پنهنجا ووٽ واپس وٺي من موجي ميمبرن کي فارغ ڪري ڇڏين. ياد رھي ته ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز پنهنجي مرضيءَ سان اسيمبليءَ ۾ وڃي نه ٿا ويھن. اهي ماڻهو اسان فقيرن جي ووٽ سان اسيمبليءَ جا ميمبر بڻجن ٿا تھ جيئن قانون سازي ڪري سگھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.