اهو وڌندڙ لاڙو انتهائي افسوس ۽ حيرت جوڳو آهي ته سنڌ اندر ڪجهه ڌريون ٻارڙن حڪومت طرفان کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي مخالفت ڪن ٿيون ۽ بائيڪاٽ به ڪرڻ لڳيون آهن جنهن عمل کي اسين عقلمندي نه ٿا سمجهون.
رپورٽون آهن ته نيو سعيدآباد جي ڳوٺن جان محمد جمالي، خميسو جمالي، علي شير خاصخيلي ۽ شهمير راهو سميت ستن ڳوٺن جي ڳوٺاڻن پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري حڪومتي ڪم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته تعليم، صحت، پڪن رستن سميت ڪي به بنيادي سهولتون ناهن ان ڪري پوليو جي ڦڙن پيارڻ واري عمل جو بائيڪاٽ ڪيو آهي. اهڙي اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر نيو سعيدآباد، ڊي ايس پي ۽ هيلٿ کاتي مٽياري جا عملدار ڳوٺاڻن وٽ پهچي پوليو جا ڦڙا پيارڻ بابت ساڻن ڳالهيون ڪيون جنهن تي ڪجهه ڳوٺاڻن عمل ڪيو ۽ ڪن جواب ڏئي ڇڏيو. ڳالهين دوران ڳوٺاڻن وري پنهنجن ڳوٺن جا ٻيا مسئلا ٻڌايا ۽ پوليو جي ڦڙن پيارڻ کي انهن مسئلن جي حل سان مشروط ڪيو.
اهو معاملو صرف انهن ڄاڻايل ڳوٺن جي ماڻهن جو ئي ناهي پر اهڙي نشاندهي ٻين علائقن مان به وقت به وقت ٿيندي رهي آهي جنهن کي اسان پنهنجو ئي نقصان سمجهون ٿا. ٻيا مسئلا الڳ ڳالهه آهي انهن جي حل لاءِ آواز اٿارڻ سٺي ڳالهه آهي پر انهن مسئلن کي پوليو جي ڦڙن پيارڻ سان ڳنڍڻ هڪ وڏي بي سمجهي آهي ٻين معاملن کي حل ڪرائڻ جا ٻيا ڪيترائي طريقا هوندا آهن باقي هي طريقو ته بلڪل ئي غلط ۽ مذمت جوڳو آهي.
اسان وٽ هڪ ته حڪومت ڪم ڪري ئي نه پر ڪو چڱو ڪم ڪري ته وري ان کي روڪڻ بدقسمتي ئي چئبي. حڪومت جيڪڏهن ڪو چڱو ڪم ڪري ته ان جي همت افزائي نه ڪرڻ گهرجي ۽ سهڪار به. ٻارڙن کي پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پيارڻ حڪومت جي تمام سٺن ڪمن مان هڪ آهي. ٻيو ته هيءَ پاليسي رڳو پاڪستان جي ناهي پر عالمي سطح جي مهم آهي ته دنيا مان پوليو جي بيماري جو انت آندو وڃي جنهن ۾ اها ڪافي حد تائين ڪامياب به ٿي وئي آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان پوليو جي بيماري ختم ٿي چُڪي آهي. هاڻي رڳو پاڪستان ۽ افغانستان اهڙا ملڪ آهن جتي اها بيماري اڃان تائين موجود آهي ۽ ان جي ذميوار حڪومت نه پر ناسمجهه ماڻهو آهن جيڪي حڪومتن سان سهڪار نه ٿا ڪن جنهن نتيجي ۾ هن ملڪ مان پوليو جي بيماري ختم ٿيڻ جو نانءُ نه ٿي وٺي ۽ مختلف وقتن ۾ پوليو جا ڪيس ظاهر ٿين ٿا.
اڳ ۾ ڪجهه مذهبي ڌرين پوليو جي ڦڙن بابت غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها مسلمانن جي خلاف يهودين جي سازش آهي جڏهن ته پوليو جا ڦڙا سڄي دنيا اندر لڳايا پئي ويا، صرف مسلمان ملڪن جو معاملو نه هو ۽ پوليو جي ڦڙن جا وقت سان گڏ مثبت نتيجا به نڪري رهيا هيا ۽ وقت ثابت ڪيو ته دنيا مان پوليو جا ڪيس تيزي سان ختم ٿيڻ لڳا پر ڪن مذهبي ڌرين جي ان حوالي سان اڃان به منفي پرچار جاري آهي. اهي به رپورٽون مختلف وقتن ۾ شايع ٿينديون رهنديون آهن ته ڪافي علائقن ۾ پوليو جي ٽيمن کي ڪم ڪرڻ ناهي ڏنو ويندو، پوليو جي عملي تي حملا به ٿيا آهن ته قتل جا واقعا به ٿيا آهن تنهن ڪري اڳتي هلي پوليو جي عملي سان پوليس اهلڪارن جون ڊيوٽيون به لڳايون ويون پر پوءِ به پوليو جي ٽيمن کي مزاحمت جو منهن ڏسڻو پيو آهي.
هاڻي وري اهو نئون ۽ عجيب لاڙو پيدا ٿيو آهي ته پوليو جي ڦڙن کي مسئلن جي حل سان مشروط رکجي ۽ تيستائين بائيڪاٽ ڪجي جيستائين مسئلا حل نه ٿين. اها بي وقوفي آهي. انهن مسئلن جو ڀلا پوليو جي ڦڙن سان ڪهڙو تعلق. هاڻي ته اهو به چيو ٿو وڃي ته ڦلان ماڻهوءَ جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ته پوءِ پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي اجازت ڏينداسين. اسان وري به چونداسين ته اها بي سمجهي ۽ جهالت آهي جنهن کي روڪڻ گهرجي.
اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته سياست جو مقصد حڪومت کان عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ هوندو آهي. عوام اندر سياسي شعور پيدا ڪرائڻ هوندو آهي. هاڻي به سياسي ۽ سماجي جماعتن توڙي ميڊيا جو فرض آهي ته اها حڪومت کان عوام جا مسئلا حل ڪرائي. پوليو جي بيماري صحت جو مسئلو آهي. جيڪو حڪومت کان ختم ڪرائڻ سڀني سياسي، سماجي ۽ عوامي جماعتن جو فرض آهي پر جيڪڏهن ڪير حڪومت جي درست ڪم ۾ رنڊڪ وجهي ٿو ته ان کي روڪڻ به سڀني جو فرض آهي. ٻيو ته عوام جي جاڳرتا لاءِ به ڪم ڪرڻو پوندو آهي. هي نج جاڳرتا جو ڪم آهي. بي سمجهه ماڻهن کي سمجهائڻ جي ضرورت آهي ته پنهنجن مفادن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. مزاحمت ۽ بائيڪاٽ غلط ڪمن ۽ غلط پاليسين جو ڪبو آهي. درست ڪم کان حڪومت کي ناهي روڪبو. پوليو جا ڦڙا پياري، پوليو جي بيماري کي ختم ڪرڻ ۽ مستقبل جي معمارن کي جسماني معذوري کان بچائڻ خراب ڪمناهي جنهن جي مزاحمت ڪجي ۽ بائيڪاٽ ڪجي.
اسان ۾ خراب ۽ سٺي ڪم جي شناس هئڻ گهرجي ته ڪهڙو ڪم اسان جي مفاد ۾ آهي ۽ ڪهڙو ڪم اسان جي خلاف آهي. اسان حڪومت کي ساراهيون ٿا ته ان ناسمجهي واري مخالفت باوجود پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي ۽ خاص ڪري پوليو جي ٽيم جي عملي کي لک شاباشون جن کي هڪ نيڪ ڪرڻ باوجود هراسان ڪيو پيو وڃي پر خوف جي ماحول ۾ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي به پوليو عملو جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي سو غير معمولي آهي. سنڌ واسين کي گهرجي ته پوليو ٽيم جي عملي سان ڀرپور سهڪار ڪن ۽ انهن جي مڪمل طور تي عزت افزائي ڪن ۽ جيڪي ڌريون پوليو مهم ۾ رنڊڪ وجهي رهيون آهن تن کي سمجهائن ته پنهنجي ٻارن کي معذوري کان بچائڻ جو سوچين ۽ سمجهه کان ڪم وٺن.