پاڪستان امن امان جي لحاظ سان دنيا ۾ ٽيون نمبر بدترين ملڪ

لاهور (م ڊ) امن امان جي حوالي سان پاڪستان کي دنيا جو ٽيون نمبر خراب ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، امن امان جي عالمي رينڪنگ ۾ پاڪستان 142 مان 140 هين نمبر تي اچي ويو آهي. 6 ملڪن جي وچ ۾ درجه بندي. تفصيل موجب دنيا جي ملڪن ۾ امن امان جي صورتحال ۽ قانون جي حڪمراني بابت ورلڊ  جسٽس پروجيڪٽ جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. رپورٽ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ امن امان جي حوالي سان دنيا جي ملڪن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي درجه بندي ڪئي وئي آهي. ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ جي رپورٽ ۾ پاڪستان کي امن امان جي حوالي سان دنيا جو ٽيون بدترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي. ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ پاران قانون ۽ حڪم جي حوالي سان 142 ملڪن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ پاڪستان 140 هين نمبر حاصل ڪيو. جڏهن ته علائقائي سطح تي قانون جي حڪمراني جي حوالي سان پاڪستان جي ڪارڪردگي کي بدترين قرار ڏنو ويو آهي. علائقائي سطح تي 6 ملڪن مان پاڪستان کي آخري يعني ڇهين نمبر تي ڏنو ويو. علائقائي سطح تي امن امان جي حوالي سان افغانستان جي ڪارڪردگي کي پاڪستان کان بهتر قرار ڏنو ويو آهي. ورلڊ جسٽس پراجيڪٽ جي رپورٽ ۾ قانون جي حڪمراني جي حوالي سان پاڪستان 142 مان 129 نمبر تي جڏهن ته علائقائي سطح تي پاڪستان 6 مان 5 نمبر تي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.