حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد، 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ زراعت کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل امداد ميمڻ سميت جوابدار ڄاڻايل 5 ٺيڪيدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ ڪورٽ ٻاهران نيب عملدارن گهيرو ڪري کين گرفتار ڪري ورتو، جسٽس امجد علي سهتو ۽ جسٽس خادم حسين سومرو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي دوران اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر امداد ميمڻ ۽ 5 عملدارن توڙي ٺيڪيدارن جي ضمانت رد ڪئي، جنهن بعد امداد ميمڻ سميت 3 جوابدارن کي ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران ڊي جي نيب جاويد اڪبر رياض عدالت کي ٻڌايو ته 2009ع ۾ ايگريڪلچرل جي اڳوڻي ڊي جي پاران فرضي ٺيڪيدارن جي نالن سان ڪمپنين ذريعي 3 ارب 20 ڪروڙ کان مٿي ڪرپشن ڪئي آهي جنهن جي جاچ مڪمل آھي جنهن تي عدالت جوابدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوھان سچ ٻڌايو ته اوھان جو ڪهڙو ڪردار ھو؟ جنهن تي اڳوڻو ڊي جي امداد ميمڻ عدالت کي مطمئين نه ڪري سگھيو، عدالت ٻڌڻي دوران امداد ميمڻ، قادر بخش محمد اقبال، محمد نظر ڀٽو، گل محمد، شفيع محمد، محمد نظر ڀٽو ۽ انوپ ڪمار جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. نيب عملدارن سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ ٻاھران ڪڙو چاڙهي جوابدار امداد ميمڻ، انوپ ڪمار، محمد اقبال، شفيع محمد ۽ محمد نظر ڀٽو کي ڊي جي نيب جي اڳواڻي ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي مک گيٽ وٽان گرفتار ڪري ورتو.