اسلام آباد(فخر دراني) حڪومت پاران پاليسي ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، آئيني بئنچ جي حوالي سان اڳ ۾ حڪومت موجوده چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي رکڻ پئي چاهيو،هاڻي ان ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، ذريعن مطابق حڪومتي حلقن ۾ چيف جسٽس کي ئي آئيني بئنچ جو سربراهه بڻائڻ تي بحث مباحثو هلي رهيو هو،هاڻي فيصلو ڪيو ويو آهي ته جسٽس يحيٰ آفريدي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ طور ئي ڪم ڪندو رهندو،آئيني بئنچ لاءِ نئون سربراهه مقرر ڪيو ويندو،ان لاءِ جسٽس امين الدين جي نالي تي غور جاري آهي،جسٽس منصور علي شاهه،جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي کي ان جو سربراهه نه بڻايو ويندو،حڪومت جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر جي تڪراري هئڻ سبب انهن کي بئنچ جو سربراهه نٿي بڻائڻ چاهي،جڊيشل ڪميشن جي نالن تي به مشاورت جاري آهي،نومبر جي پهرين هفتي ۾ ئي جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي جي شروعات ٿي سگهي ٿي،ان ۾ حڪومت جي بالادستي رهندي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 30 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو