رياض/اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غزا ۾ فوري طور تي قتل عام روڪڻ ۽ امن قائم ٿيڻ تائين عالمي سطح تي خوشحالي قائم نٿي ٿي سگهي. هن اها ڳالهه رياض ۾ ٻن ڏينهن واري فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي اٺين اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي ۽ سعودي قيادت جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جو ويزن گڏيل آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته نوجوانن کي معياري تعليم، ڊجيٽل شموليت ۽ گهربل اوزارن ذريعي بااختيار بڻايون. پاڪستاني ادارن جون صحت جي شعبي ۾ به نمايان خدمتون آهن. شهباز شريف چيو ته اڄ جي دور ۾ ڪو به ملڪ انفرادي طور مسئلن کي منهن نٿو ڏئي سگهي ۽ ڪو به ملڪ ٻين ملڪن جي مدد کانسواءِ ترقي حاصل نه ٿو ڪري سگهي. خوشحالي جي گڏيل مقصد لاءِ پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڀليڪار ڪنداسين. رياض ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات مستقبل جي سيڙپڪاري جي 8 هين ايڊيشن جي موقعي تي ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن پاڪ-سعودي مضبوط اقتصادي ڀائيواري جو عزم ورجايو. ان کان اڳ وزيراعظم جي رياض پهچڻ تي نائب گورنر شهزادي عبدالرحمان بن عبدالعزيز آجيان ڪئي. وزيراعظم سان پاڪستاني وفد پڻ گڏ آهي. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب پهتل آهي. پرڏيهي ترجمان موجب وزيراعظم سڀاڻي قطر ويندو، ان دوري جي دعوت قطر جي امير تميم بن حامد الثاني ڏني هئي. وزيراعظم دوحه ۾ پاڪستاني نوادرات، فن ۽ ثقافت جي حوالي سان نمائش جو افتتاح ڪندو. قطري امير ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهايو ويندو.