پ پ کي چولستان ۽ ٿل ڪئنال فيز 2 تي خدشا،سي سي آءِ اجلاس گهرائڻ جو مطالبو

ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چولستان ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو منصوبي کي سنڌ جي  پاڻيءَ تي ڌاڙي جو منصوبو قرار ڏيندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي سنڌ جي خدشن سبب چولستان ڪئنال سميت ٻين تڪراري ڪئنال منصوبن کي فوري ختم ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي سنڌو درياهه تي ڪو به تڪراري ڪئنال منصوبو قبول ناهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جو عوام چولستان ڪئنال منصوبي کي رد ڪري ٿو ۽ سي ڊي ڊبليو پي ۾ سنڌ جي اعتراضن ۽ خدشن کي ٻڌڻ بنا هڪ طرفو چولستان ڪئنال جي غيرآئيني طور منظوري ڏني وئي آهي جنهن تي سنڌ کي سخت اعتراض ۽ خدشا آهن. هن چيو ته سي ڊي ڊبليو پي کي هڪ طرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي جڏهن ته پاڻي تڪرارن جي حل لاءِ آئيني فورم سي سي آءِ آهي ۽ سي سي آءِ جو اڃا تائين ڪو به اجلاس نه ٿيو آهي نه ئي سي سي آءِ ان بابت ڪا منظوري ڏني آهي. نثار کهڙو چيو ته واڌو پاڻي موجود ئي ناهي ته پوءِ چولستان ڪئنال يا ٻين ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ان بابت سنڌ کي ڪو به خاطرخواهه جواب نه پيو ڏنو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ ارسا پاڻيءَ جي واڌو موجودگي بابت غيرآئيني طور تي اين او سي ڏني جڏهن ته سنڌ ۾ هر وقت ٻوڏ واري صورتحال ناهي ان لاءِ سنڌ حڪومت ارسا پاران پاڻيءَ جي واڌو موجودگيءَ بابت جاري ڪيل اين او سي جي فيصلي خلاف سي سي آءِ ۾ اعتراض داخل ڪري چڪي آهي. هن چيو ته پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تي پڻ مڪمل عمل نه ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي به نه پيو ڏنو وڃي ته پوءِ هنن ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان آندو ويندو؟ ان ڪري سنڌ کي خدشا آهن ته سنڌ جي پاڻيءَ مان ڪٽوتي ڪري هنن ڪئنالن کي پاڻي ڏنو ويندو جنهن سان سند وڌيڪ بنجر بڻجي ويندي. هن چيو ته پاڻي گهٽتائي سبب سنڌو درياهه جو پاڻي گهربل مقدار ۾ سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي سبب پهريان ئي ٺٽي بدين سميت سنڌ جي ساحلي پٽيءَ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ان لاءِ چولستان ڪئنال سميت سنڌ کي سنڌو درياهه تي ڪو به تڪراری ڪئنال منصوبو قبول ناهي ۽ سنڌ حڪومت هنن تڪراري ڪئنالن خلاف هر فورم تي ڀرپور آواز اٿاريندي. هن چيو ته سنڌ کي پاڻيءَ جي ٽي رخي فارمولا جي ورهاست تي پڻ اعتراض آهي ان لاءِ سنڌ جو مطالبو آهي ته پاڻيءَ جي ورهاست پيرا ٻه تحت ڪئي وڃي. هن چيو ته اسين وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته سي سي آءِ جو اجلاس گهرايو وڃي جنهن ۾ سنڌ جي اعتراضن ۽ خدشن کي ٻڌي چولستان ڪئنال منصوبو ختم ڪري سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ بيچيني کي ختم ڪيو وڃي. هن 26 هين آئيني ترميم جي منظوريءَ کي جمهوري قوتن جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته آئيني ترميم جي منظوريءَ سان جمهوري قوتن جي فتح ٿي آهي ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.