عمران حامي ججن پاران 26هين ترميم تي اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ جي تياري؟

لاهور (معظم فخر) هم خيالن جي هڪ گڏجاڻي ۾ 26هين آئيني ترميم تي اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ تي ويچار ڪيو ويو آهي. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته اسان کي جسٽس يحييٰ آفريدي جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائڻي آهي. ڪالهه جيڪو فل ڪورٽ اجلاس ٿيو هو ان جي پڌرائي ۾ آئيني بينچ يا جڊيشل ڪميشن بابت ڪا ڳالهه شامل نه ڪئي وئي هئي. سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عابد زبيري 26هين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيون وڌيڪ درخواستون به داخل ٿيڻيون آهن، جيڪي گڏايون وينديون ۽ ٻڌڻي ڪئي ويندي. اهي درخواستون ٻڌيون ويون ۽ اهو نقطو اٿاريو ويو ته اوهان اهي درخواستون نٿا ٻڌي سگهو ته اها آبزرويشن ۽ عدالتي راءِ اچي سگهي ٿي ته آئيني بينچون قائم ٿيڻ کانپوءِ به سپريم ڪورٽ جا اختيار لامحدود آهن ته پوءِ آئيني بينچ جو مستقبل به سپريم ڪورٽ جي تابع نظر ايندو. اهڙو انڪشاف عبدالقيوم صديقي پنهنجي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڪيو. اهو نقطو اڃا تائين غور هيٺ آهي ته جيستائين جڊيشل ڪميشن قائم نٿي ٿي وڃي ۽ آئيني بينچ قائم نٿي ٿي وڃي ان وقت تائين عدالت جي هڪ هٽي کي بند نٿو ڪري سگهجي. اهو ئي منصوبو آهي ته آئيني بينچ جي قيام کان اڳ مخصوص سيٽن تي نظرثاني وارو فيصلو به اچي سگهي ٿو، ڪا آبزرويشن اچي سگهي ٿي. اهو چئي سگهجي ٿو ته آئيني بينچ ٺهڻ کانپوءِ اسٽي آرڊر جي مستقبل جو فيصلو ٿيندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 30 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.