مٺياڻي۾ ڪاٺين لاءِ ويندڙ 4 ٻارڙا درياهه ۾ٻڏي ويا، 3 فوت، لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس نه ملي !

مٺياڻي (رپورٽ: امير علي ملڪ)مٺياڻي ٽائون ڪاميٽي جي علائقي ڪوٽ مٺا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ سجاول مشوري ۾ گھر جي ڪاٺين لاءِ ڪچي واري علائقي ۾ ويل نينگرين سميت 4 ڄڻا درياھه ۾ ٻڏي ويا، ڳوٺاڻن 3 ڄڻن جا لاش هٿ ڪري ورتا، هڪ نينگري جي حياتي بچائي وئي، فوتين ۾ 6 ورهين جي شمائلا، 22 روهين جو اظهر علي مشوري، 9 ورهين جو مدثر شامل آهن، جڏهن ته 16 ورهين جي مديه جي حياتي بچائي وئي، ٻڏي ويلن کي رورل هيلٿ سينٽر مٺياڻي منتقل ڪيو ويو پر ڊاڪٽر نه هئڻ سبب ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته اسپتال ۾ ايمبولنس هوندي ڊرائيور نه اچڻ سبب معصوم ٻارڙي جو لاش وارث موٽرسائيڪل تي گهر کڻائي ويا. ٻئي طرف علائقي واسين حبيب مشوري ، ايم جمن ۽ ٻين مشوري برادري سان ٿيل واقعي تي ڏک جو اظھار ڪيو، هوڏانهن معصوم ٻار جو لاش کڻڻ لاءِ اسپتال انتظاميا پاران ايمبولنس نه ڏيڻ واري عمل خلاف سياسي سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي، ان سلسلي ۾ ساڃاهه وندن مطالبو ڪيو آهي ته اسپتال انتظاميا خلاف ترت ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.