ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر)ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ سول سوسائٽي ڪلائميٽ ايڪشن جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ عبدالخالق جوڻيجو، ياسر دريا، نورين، عبدالمجيد، علي غلام، ولي حيدر، احمد شبير ۽ ٻين ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ماحوليات جي قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي خلاف ڪيسن کي ٻڌڻ جوڙيل ماحوليات ٽربيونل کي وڌيڪ فعال ۽ خودمختيار بڻائي ماحوليات جي قانونن کي وڌيڪ جديد بڻايو وڃي، سنڌو درياهه جو پاڻي کڻڻ وارو عمل بند ڪري سنڌ جي ڊيلٽا کي مرڻ ۽ سمنڊ کي ڪراچي، ٺٽو ئي ٻدين جي لکين ايڪڙ زمين کائڻ کان بچايو وڃي، ڊي ايڇ اي طرفان سمنڊ جي زمين کي سڪائي ان مٿان رهائشي منصوبن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، بحريه ٽائون جي منصوبن ۾ قديم ماڳن، ڳوٺن ۽ قبرستانن کي ڊاهڻ، وڻن جي ڪٽائي ڪرڻ ۽ برسات جي پاڻي جي قدرتي لنگهن تي قبضن صدين کان آباد سنڌي ۽ ٻي آبادي جي زبردستي لڏپلاڻ ڪرائڻ خلاف عالمي ماحولياتي ادارا وفاقي ۽ صوبائي حڪومت تڪڙا قدم کڻي، هن منصوبي جي سرواڻ مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي، ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ کير ٿر نيشنل پارڪ جي زمين جي حدن تي ٿيل قبضا ختم ڪرايا وڃن، جهنگلي جيوت، پکين ۽ جيت جڙين جي تحفظ جي موجود قانونن تي عمل ڪيو وڃي، ڪراچي شهر سميت سموري سنڌ ۾ عام شهرين کي پيئن جو صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي، حب، لياري ۽ ملير ندي کي گندي پاڻي جي نالن ۾ تبديل ڪرڻ بند ڪري سمنڊ ۾ صاف ٿيل پاڻي ڇڏڻ جي منصوبن تي هنگامي ڪم شروع ڪيو وڃي، ڪراچي شهر ۾ وڌندڙ گرمي ڪري روڊن رستن تان رهائشي منصوبن لاءِ وڻن جي ڪٽائي بند ڪري لکن جي تعداد ۾ مقامي وڻ ۽ تمر جا ٻوٽا لڳايا وڃن. هنن ڪراچي شهر سميت ڪينجهر، نيشنل پارڪ ۽ ٻين قديم ماحولياتي ماڳن جي کوٽائي ۽ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ شهرين موسمي تبديلين جي نقصانن بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ آچر 27 آڪٽوبر 2024 تي منجهند جو ٽي وڳي فريئر هال کان ڪلائميٽ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اها مارچ ڪراچي پريس ڪلب تائين ڪئي ويندي، جنهن ۾ ڪراچي شهر کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ سوين ماحوليات دوست شهري، مزدور، شاگرد، سول سوسائٽي جا ڪارڪن، عورتون، مرد، ،ٻار وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا.