ملير جي قديم ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ منظم جدوجهد جي ضرورت

تحرير: جميل چانڊيو

ورهاڱي کانپوءِ هندستان کان آيل لکين ماڻهن کي سنڌ قبول ڪيو ۽ انهن کي هتي آباد ڪيو، پنهنجون جايون، ڪاروبار، زمينون ۽ ملڪيتون به انهن جي حوالي ڪيون جن ڪجهه وقت اندر ڪاريهر وارو ڪردار ادا ڪيو، اهڙو سلسلو اڄ به اسان جي وطن ۾ ڌارين جو آهي، تازو هڪ اهڙي صورتحال ملير جي ديهه آبدار ۽ ديهه کديجي ضلعي ملير ڪراچي جي 8 قديم ڳوٺن کي بيدخل ڪرڻ جي سازش شروع ٿي وئي آهي. هڪ نجي سوسائٽي جيڪا هن وقت اڃا تائين پنهنجا پير کوڙي نه سگهي آهي.

بااثر ماڻهو جيڪي ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي کين چيو ته هڪ هفتي اندر ڳوٺ خالي ڪريو، جيڪڏهن ڳوٺ خالي نه ڪيا ويا ته ڳوٺن کي مسمار ڪيو ويندو، انهن ڳوٺن ۾ ديهه کديجي ۽ ديهه آبدار جي ڳوٺ حاجي داد جوکيو، ڳوٺ ڪريم داد جوکيو، ڳوٺ شوڪت جوکيو، ڳوٺ جمع سالار، ڳوٺ شاهه محمد سالار، ڳوٺ ملوکاڻي سالار، ڳوٺ عبدالستار جوکيو ۽ ڳوٺ صالح جوکيو شامل آهن.

ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن سليم سالار، عرب الدين جوکيو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته هي ڳوٺ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت روينيو ڊپارٽمينٽ جي نقشي تي سروي اينڊ سيٽلمينٽ ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ طرفان منظور ٿيل آهن ۽ نقشي تي به موجود آهن، هي ڳوٺ سنڌ ڳوٺ آباد اسڪيم ايڪٽ 1987ع تحت ريگيولائيزر ٿيل آهن اهي ڳوٺ ڊي ايڇ اي جي پلاننگ ٿيل نقشي تي به موجود آهن، ڳوٺاڻن چيو ته ملير جي مقامي سنڌين سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي اسان پاڪستان کان به اڳ آباد آهيون پر اسان کي بيدخل ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، هنن چيو ته قديم ڳوٺن کي ڊاهڻ واري سازش ڪراچي مان ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪرڻ جو منصوبو آهي، ڳوٺاڻن اهو به ٻڌايو ته ڳوٺن جا سمورا داخلي رستا پڻ بند ڪيا ويا آهن جنهن سان اسان قيد واري زندگي گذاري رهيا آهيون، ڳوٺاڻن سنڌ دوست، سياسي سماجي ڌرين کي اپيل ڪئي آهي ته سندن قديم ڳوٺ بچايا وڃن. ٻئي طرف سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائينس جي مرڪزي صدر سيد خدا ڏنو شاهه، عبدالخالق جوڻيجو، حفيظ بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪراچي جي ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ٿيڻ نه ڏينداسين، هنن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي مختلف ادارن ۽ ترقي جي نالي تي سوين سنڌين جا ڳوٺ بيدخل ڪيا ويا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم ٺهڻ وقت لڳ ڀڳ 50 قديم ڳوٺ، ڳوٺاڻن جون مالڪاڻيون زمينون قبضو ڪري ڳوٺاڻن کي بيدخل ڪيو ويو جيڪي اڃان تائين ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن ان کان علاوه بحريا ٽائون جي منصوبي سبب 50 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا آهن هاڻي وري ڊي ايڇ اي کي هاڪس بي ۾ 6 هزار ايڪڙ زمين ڏني پئي وڃي جنهن سان لڳ ڀڳ 50 ڳوٺ بيدخل ٿيندا. اڳواڻن ڪراچي جي سمورن سنڌين ۽ بلوچن کي اپيل ڪئي آهي ته هو انڊيجينيس رائيٽس الائينس جي پليٽ فارم تي متحد ۽ منظم ٿي پنهنجا ڳوٺ، وسيلا ۽ پنهنجي وجود کي بچائين.

اهڙي صورتحال بعد ملير جي مقامي ماڻهن پنهنجي اباڻن ڪکن کي بچائڻ لاءِ جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ مزاحمت جو پڻ اعلان ڪيو آهي، هن وقت ملير جي سموري سياسي سماجي، سول سوسائٽي تحرڪ ۾ نظر اچي ٿي ۽ هو پنهنجي ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ دفاعي پوزيشن اختيار ڪري ورتي آهي، هاڻي هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ملير سميت سنڌ جي قديم ماڳ مڪان ۽ دنگن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ سنڌ کي هڪ ٿيڻو پوندو خاص طور تي حڪمران ڌر ۾ ويٺل ڌرتي جي اصل وارثن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.