درست تاريخي رڪارڊ

تحرير: احمد خان جمالي

3 نومبر 1968 تي حيدرآباد ۾ سنڌ اسٽوڊنٽس ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو هو ته جيئن سنڌ سطح تي شاگردن جي گڏيل نمائندہ  تنظيم ٺاهجي. هن کان اڳ  ڪجهه شهرن ۾ مقامي سطح تي شهرن جي نالن سان شاگرد تنظيمون هيون. جيئن حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن، نوابشاهه اسٽوڊنٽس فيڊريشن، وغيره. انهن تنظيمن جي پٺيان بندش پيل ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سان لاڳاپيل ڪامريڊن جي اختيار ڪيل حڪمت عملي ۽ ڪوشش هئي جيڪي نيشنل عوامي پارٽي ۾ شامل ٿي قوم پرست، ترقي پسند ،سامراج دشمن، قوتن سان گڏجي ايوبي آپيشاهي ۽ ون يونٽ جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا هئا.

سنڌ اسٽوڊنٽس ڪنوينشن ڪوٺائڻ جي لاءِ ڄام ساقي ، مير ٿيٻو، مير حسن شاهه، هدايت حسن، نديم اختر، عنايت ڪشميري مک ڪردار ادا ڪيو.  ڪنوينشن جي موقعي تي ڪراچي ۾ ڪامريڊن ۽ نعپ جي حمايت يافتا نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ”ڪاظمي“ گروپ کي به مبصر طور تي شامل ٿيڻ ۽ اوپن سيشن کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏنل هئي.  جيئن ان وقت ڪميونسٽ پارٽي پرو سويت يونين ۽ پرو چين ڌڙن ۾ ورهائجي ويئي هئي جنهن جي ڪري نعپ به ولي خان ۽ ڀاشاني گروپ ۾ تقسيم ٿي وئي هئي، اهڙي طرح ڪراچي جي نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن به امير حيدر ڪاظمي گروپ ۽ ڊاڪٽر رشيد حسين گروپ ۾ ورهائجي وئي هئي.

سنڌ اسٽوڊنٽس ڪنوينشن جي ڪارروائي شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ،  انجينئرنگ ڪاليج ڄامشوري جا شاگرد ۽ رسول بخش پليجي گروپ جا حمايتي شاگرد مسعود نوراني جي قيادت ۾ ڪنوينشن هال ۾ اچي پهتا ۽  امير حيدر ڪاظمي وارن جي شرڪت تي اعتراض ڪرڻ لڳا ته  ” هنن مهاجرن کي ڇو دعوت ڏني اٿو ” ياد رهي ته رسول بخش پليجو به نعپ ۾ شامل هو پر سندس همدرديون پرو چائنا گروپ سان به هيون ته نعپ ۾ شامل اردو ڳالهائيندڙ ڪامريڊن سان به سندس نه پوندي هئي.  مسعود نوراني وارن چڱو موچارو گوڙ ڪيو ۽ ڪنوينشن جو بائيڪاٽ ڪري هليا ويا.  ڪنوينشن ۾ بدمزگي ته ٿي پر ڪنوينشن ۾ هيمون ڪالاڻي جون تصويرون به تقسيم ڪيون ويون ته حيدر بخش جتوئي جي پوگرامن جي صدارتي ڪرسين تي حيدر بخش جتوئي ۽ جي ايم سيد جون تصويرون به سجايون ويون،  جڏهن ته شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ اجمل خٽڪ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو.

هن اسٽوڊنٽس ڪنوينشن کي ڪامياب ڪرڻ ۾  منير احمد ميمڻ( ماڻڪ ) ۽ نبي بخش کوسي جي ڪوششن کي به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. اهڙي طرح  هن ڪنوينشن ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ڄام ساقي، صدر اعجاز قريشي، نديم اختر ۽ اقبال ميمڻ  نائب صدر، مير ٿيٻو  جنرل سيڪريٽري، شاھ محمد شاھ، مسعود معاذ پيرزادو ۽ شهزادو شيخ جوائنٽ سيڪريٽري. مهر حسن شاه،  پريس سيڪريٽري، عبدالحئي پليجو سوشل سيڪريٽري چونڊيا ويا. اهڙي طرح بلوچستان ۾ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ جي قيادت ۾ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ، خيبر پختون خواهه ۾ پختون اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پنجاب ۾ پنجاب اسٽوڊنٽس يونين ۽ اهڙي طرح بنگال ۾ به صوبائي سطح تي شاگرد تنظيمون ٺاهيون ويون. 3  نومبر 1968 تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ هن ئي تقريب ۾ فيصلو ڪيو ويو ته  8 نومبر کان ايوبي آمريت جي خلاف ملڪ گير تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو. سڀني صوبن جي شاگرد تنظيمن کي ۽ نعپ جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي ان جي لاءِ تياري ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون ويون. ذوالفقار علي ڀٽو، اول ئي ايوب خان کي ڇڏي 1967 ۾ پيپلزپارٽي ٺاهي ملڪ جي مختلف شهرن جو دور ڪري رهيو هو.  اتفاق سان  5 نومبر تي راولپنڊي ۾ پوليٽيڪنڪ ڪاليج جو شاگرد عبدالحميد پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.  ذوالفقار علي ڀٽو، ميدان تي پهچي ويو ، نه صرف پنجاب ۾ پر سڄي ملڪ ۾ باھ ٻري ويئي.  جيڪا ملڪ گير تحريڪ 8 نومبر تي شروع ٿيڻي هئي، اها 5 تاريخ تي ئي شروع ٿي وئي. 25 مارچ 1969 تي ايوب خان اقتدار يحييٰ خان جي حوالي ڪيو.

1969 جي شروع ۾  مرحوم مخدوم محمد زمان طالب المولا جي حيدرآباد واري بنگلي تي سنڌ جي سڀني بااثر پارلياماني سياست ڪندڙ سياستدانن جي گڏجاڻي، سائين جي ايم سيد جي سربراهي ۾ سڏائي ويئي، جنهن ۾ انهن سڀني سياستدانن يا انهن جي پونئرن اسٽيج تي اچي سنڌ جي عوام کان معافي گهري جن ون يونٽ ٺاھڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو.  ان گڏجاڻي ۾  سائين جي ايم سيد جي اڳواڻي ۾  اينٽي ون يونٽ فرنٽ يا سنڌ متحده محاذ ٺاهيو ويو.پر اهو به فيصلو ڪيو ويو ته جن شخصيتن ون يونٽ ٺاھڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو انهن کي ان محاذ ۾ شامل نه ڪيو ويندو.  حفيظ قريشي ته باقاعدي تقرير ڪندي چيو هو ته ” انهن پنجن ڄڻن کي ڪڏهن به معاف نه ڪبو ۽ نه ئي محاذ ۾ شامل ڪبو “

ايوب کهڙو، علي محمد راشدي، قاضي اڪبر، قاضي فضل الله ۽ غلام نبي ميمڻ ئي اهي

پنج ڄڻا هئا جن ون يونٽ لاڳو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.  متحده محاذ ٺاھڻ کان ستت پوءِ ارباب نور محمد پليجي، سائين جي ايم سيد ۽ محاذ ۾ شامل سياستدانن جي ڪينجهر ۾ دعوت ڪئي ته خبر پئي ته سائين جي ايم سيد، انهن پنجن ڄڻن کي به محاذ ۾ شامل ڪري رهيو آهي. ان اهم اختلاف جي بنياد تي سائين جي ايم سيد جي حمايتي شاگردن  پھريائين سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾  نيشنلسٽ گروپ ٺاهيو ۽ اڳتي هلي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺاھڻ جو اعلان ڪيو.

جڏهن ووٽر لسٽون سنڌي زبان ۾ به شايع ڪرڻ جو مطالبو مڃرائڻ جي لاءِ آزاد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي   سربراهه لالا قادر  اولڊ ڪيمپس ۾ بک هڙتال شروع ڪئي ته سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي قيادت به نه صرف ان جدوجهد ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو پر ان جدوجهد ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ سنڌي زبان کي قومي زبان جو درجو ڏيڻ جا مطالبا به شامل ڪرڻ جي لاءِ لالا قادر ۽ ٻين شاگردن جماعتن جي قيادت کي قائل ڪيو. سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سڄي سنڌ ۾ بک هڙتال تي ويھڻ سان گڏوگڏ  نوجوانن، سياسي ڪارڪنن ۽ شهرين کي به سرگرم ۽ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

آزاد اسٽوڊنٽس فيڊريشن،  سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن ۽ ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن يعني چئن جماعتن جي قيادت تي ٻڌل ” سنڌ اسٽوڊنٽس هاءِ ڪمانڊ“ ٺاهي ويئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سخت بيمار هجڻ جي باوجود بک هڙتالي شاگردن وٽ پهچي پريس ڪانفرنس ڪري، جدوجهد جي حمايت جو اعلان به ڪيو ته سنڌ واسين کي ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي، قاضي فيض محمد ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري پاڻ شاگردن سان گڏ بک هڙتال ۾ شامل ٿي ويا.

. نوابشاهه ۾ ٻئي ڏينهن تي مون لطيف هال جي سامهون پارڪ ۾ بک هڙتال شروع ڪئي، جتي حاجي خان جمالي ٻئي ڏينهن تي ته اسماعيل وساڻ ٽين ڏينهن تي شامل ٿيا .

جي ايم سيد ان موقعي تي خاموشي اختيار ڪئي، سائين جو موقف هو ته ڪنهن به قيمت تي چونڊون ٿيڻ گهرجن ۽ جيئن ته چونڊن ۾ شيخ مجيب الرحمان جي ڪاميابي جا چٽا امڪان آهن، ان ڪري عوامي ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ سان پنهنجا اهي اهم مسئلا حل ٿي ويندا، ان جي ڪري تحريڪون هلائي يا وڳوڙ ڪري يحييٰ خان کي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو بهانو نه ڏيڻ گهرجي.  سائين جي اها راءِ  هئي.

تحريڪ جي دوران سڀني شاگرد تنظيمن پنهنجو پاڻ ملهايو،  علي اڪبر بروهي بک هڙتال تي ويهڻ جي بدران اولڊ ڪيمپس ۾ هلندڙ امتحان جو بائيڪاٽ ڪري شاگردن کي جلوس جي شڪل ۾ ٻاهر ڪڍي آيو ، جڏهن ته ڄام ساقي مختلف شهرن ۾ پهچي، جدوجهد کي پکيڙڻ ۽ شاگردن کي ڀرپور حصو وٺڻ جي لاءِ قائل ڪندو رهيو ته کيس گرفتار ڪري بلوچستان جي مچ جيل منتقل ڪيو پئي ويو ته شاگردن جي سخت احتجاج کان مجبور ٿي کيس رستي مان ئي واپس حيدرآباد جيل پهچايو ويو.

اهڙي طرح جڏهن هن جدوجهد جي نتيجي ۾ ۽ ٻين معاون ۽ مددگار سببن جي ڪري ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان به ڪيو ويو ته ووٽر لسٽون سنڌي زبان ۾ به شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته سائين جي ايم سيد کي سياسي لحاظ کان ڏاڍو نقصان پهتو، جڏهن ته پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ کليو ميدان ملي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.