راحت سعيد ڀرپور زندگي گهاري پنهنجو وارو وڄائي ويو

تحرير: رئوف نظاماڻي

راحت سعيد به گذاري ويو. راحت سان هڪ ڊگھي عرصي جو تعلق رهيو آهي. مون کي اها ڄاڻ ته ناهي ته سندس ڪهڙي سياسي جماعت يا گروپ سان تعلق هو پر سندس دوستن جو حلقو جنهن ۾ مزدور اڳواڻ ءِ صحافي واحد بشير ”ايريل“ جي نالي سان ڊان ۾ ڪالم لکندڙ، محمد علي صديقي، حسن عابدي ءِ پروفيسر حسن عابد وغيره شامل هئا ان مان مون کي اهو اندازو ٿيو ته اهي پي آءِ اي ايمپلائيز يونين جي اڳواڻ ءِ چين نواز ڪميونسٽ طفيل عباس جي گروپ سان لاڳاپيل هئا. ان ڪري به ته راحت پاڻ پي آءِ اي جو ملازم هو.

منهنجو جڏهن ساڻس تعلق قائم ٿيو ته ان وقت راحت ءِ سندس دوستن مان سياسي لحاظ کان ڪير به سرگرم ۽ متحرڪ نه هو. سندن سڄو ڌيان ترقي پسند ادب ۽ نظريي جي هٿي لاءِ مختلف ادارا قائم ڪرڻ ءِ غيرسرگرم ادارن کي وري سرگرم ءِ منظم ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ خاص ڳالهه اها هئي ته ڪنهن سياسي وابستگي کان قطع نظر هر ان شخص سان رابطو ڪيو ويو جيڪو ان ڪم ۾ ڪار آمد ٿي سگھيو ٿي.

ان سلسلي ۾ شروعات ”ارتقا“ رسالي کان ڪئي ويئي جنهن ۾ ترقي پسند لکڻيون شامل ڪيون وينديون هيون. ان رسالي جي مواد ءِ اشاعت لاءِ باقاعدي لاڳاپيل دوستن جون گڏجاڻيون ڪيون وينديون هيون. ڪجهه عرصي تائين آئون ۽ فقير محمد لاشاري به ان جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شامل رهياسين. ان سان گڏوگڏ شهر جي مختلف دوستن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ارتقا جون ماهوار گڏجاڻيون گلشن اقبال ۾ پروفيسر نصير جي ڪاليج ۽ ٻين هنڌن تي ڪيون وينديون هيون. ڪجھه عرصي کانپوء گلشن اقبال ۾ حسن اسڪوائر جي ويجھو ارتقا جي آفيس لاءِ جاءِ ورتي ويئي جتي هاڻي به ارتقا جون گڏجاڻيون ءِ مختلف پروگرام ٿيندا آهن. ان کانسواءِ  سال ۾ هڪ اڌ ڀيرو ڪو وڏو پروگرام ڪيو ويندو هو جنهن ۾ پرڏيهي مهمانن کي پڻ مدعو ڪيو ويندو هو. منهنجي خيال ۾ ٻين دوستن جي ڪوششن سان گڏ اردو جي مک دانشورن ۽ خاص طور ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي ان سڄي عمل جو حصو ٺاهڻ ۾ راحت جي پبلڪ رليشننگ واري صلاحيت جو اهم ڪردار هو.

منهنجي گھڻي عرصي کانپوءِ ساڻس گذريل سال دسمبر ۾ ملاقات ٿي جڏهن اسان رياض شاهد دايو سان گڏ نواب شاهه ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي ڪانفرنس لاءِ وڃي رهيا هياسين. انجمن کي سڄي ملڪ ۾ نئين سر سرگرم ڪرڻ ۾ به راحت ءِ سندس دوستن جو اهم ڪردار هو. مون کي حيرت به مٿس رشڪ به آيو ته اسي سالن کان وڌيڪ عمر هئڻ جي باوجود هو اڃا به سرگرم هو. هڪ ڊگھو عرصو سگريٽ ڇڪڻ کان پوءِ هن ٻڌايو ته هو سگريٽ ڇڏي چڪو هو. ڪجھه وقت کانپوءِ خبر پيئي ته کيس ڦڦڙن جو ڪينسر تشخيص ٿيو هو ڪالهه هو گذاري ويو. بهرحال هن هڪ ڀرپور زندگي گذاري پنهنجو وارو وڄائي ويو.

(سوشل ميڊيا پوسٽ)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.