جيڪب آباد ۾ سوين هٿيار ڦر ٿيڻ جو ڪيس داخل، انسپيڪٽر سميت 12 ڄڻا نامزد، 4 گرفتار

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد ۾ دهشتگردن وٽان پڪڙيل 138 نائن ايم ايم پسٽل ۽ 276 مئگزين ڊرامائي انداز ۾ شڪارپور جي حدن مان ڦر ٿيڻ واري معاملي جو ڪيس شڪارپور جي اسٽور گنج ٿاڻي تي جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او سعيد جماڻي جي فرياد تي جاچ  آفيسر انسپيڪٽر عزيز قريشي، وڏو منشي مرتضيٰ سنجراڻي، ننڍو منشي شهزاد انصاري، هٿيارن جي اسمگلر عبدالرحمٰن پٺاڻ، لياقت سندراڻي، ساجن ساوند، عبدالمتين پٺاڻ ۽ 4 اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 2 آڪٽوبر تي گوجرانوالا کان بلوچستان اسمگلنگ ٿيندڙ هٿيار پڪڙي ٻن بين الصوبائي اسمگلرن کي گرفتار ڪيو ويو هو جيڪي ٻئي جوابدار جيل ۾ آهن، جڏهن ته هٿيار فارنزڪ ليب ۾ چڪاسڻ لاءِ لاڙڪاڻي پيل هئا، اتان کان هٿيار چڪاسڻ کانپوءِ جيڪب آباد لاءِ آندا پئي ويا ته جاچ آفيسر انسپيڪٽر عزيز قريشي، پوليس اهلڪارن مرتضيٰ ۽ شهزاد انصاف سان هم صلاح ٿي جوابدارن سان ملي پڪڙيل دهشتگردن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پراپرٽي گم آهي ته جيئن جوابدارن کي ڪيس ۾ رليف ملي سگهي، پوليس ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ گرفتار ٿيل انسپيڪٽر عزيز قريشي، مرتضيٰ سنجراڻي، شهزاد انصاري ۽ هٿيارن جي ڊيلر لياقت سندراڻي کي شڪارپور پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته گرفتار ٿيل پوليس اهلڪارن خلاف کاتيوار جاچ هلندڙ آهي، جنهن لاءِ ڊي ايس پي صدر جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، جيڪا جاچ ڪري پئي، ان سلسلي ۾ جوڙيل ڪميٽي جي سربراهه ڊي ايس پي صدر قلندر بخش سومرو ٻڌايو ته هٿيارن واري معاملي ۾ گرفتار انسپيڪٽر سميت ٽن اهلڪارن خلاف انڪوائري هلندڙ آهي جيڪا رپورٽ جلد مڪمل ڪري ايس ايس پي کي اماڻي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.