ترڪي ۾ 2016 واري گولن تحريڪ ڇا ھئي ؟

ترڪ اسلامي مبلغ فتح الله گولن، جنهن تي 2016 ۾ ترڪي ۾ فوجي بغاوت کي ڀڙڪائڻ جو الزام هو، آمريڪا ۾ 83 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.ترڪ ميڊيا ۽ گولن جي ويجهو رھندڙ تحريڪ موجب گولن کي، آمريڪي رياست پينسلوانيا جي ھڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. هو 1999ع کان آمريڪا ۾ پاڻ مرادو جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو هو.

گولن تحريڪ جي اڳواڻ فتح الله گولن کي اڪثر ترڪي ۾ ٻيو نمبر طاقتور شخص سمجهيو ويندو ھو.سندس پوئلڳ ترڪي سميت سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن.ترڪ صدر رجب طيب اردگان،گولن تحريڪ  2016 جي ناڪام بغاوت جو  الزام ھڻندو رھيو آھي،پر گولن ھميشھ ان کان انڪار ڪيو ھو.ھڪ وقت اھڙو بھ ھو جڏھن، حزمت تحريڪ، صدر اردگان جي ويجھي حامي سمجھي ويندي ھئي.پر 2013 ۾ صدر طيب، گولن تحريڪ تي ‘رياست اندر رياست’ قائم ڪرڻ جو الزام ھنيو ۽ تحريڪ پاران هلندڙ سوين اسڪولن کي بند ڪرڻ ۽ حڪومت اندر گولن جي حمايت ڪندڙن کي نيڪالي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو.جنھن بعد سال 2016 جي مئي مھيني ۾ حزمت تحريڪ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو،تحريڪ جي حامي قرار ڏنل  پوليس آفيسرن پاران اردگان جي اتحادين تي  ڇاپن ھڻڻ بعد گولن تحريڪ کي دھشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو.ان جي ٻن مهينن بعد، ترڪ فوج جي ڌڙي اردگان حڪومت جي تختي اونڌي ڪرڻ  ڪوشش ڪئي.اھڙي تحريڪ جي حامين جو چوڻ ھو ته اھي، ترڪي جي جمهوريت کي صدر اردگان جي آمراڻي ذھنيت کان بچائڻ چاهين ٿا.

گولن جي تحريڪ ڇا آهي؟ فتح الله گولن 1960ع واري ڏهاڪي ۾ آئيني طور سيڪيولر ترڪي ۾ هڪ اسلامي مبلغ طور اڀري سامھون آيو ھو.گولن چيو ته ترڪي جا نوجوان پنهنجي رستي تان ڀٽڪي چڪا آهن ۽ تعليم ذريعي ئي انھن ۾ سڌارو آڻي سگهجي ٿو.

گولن جي تحريڪ، کي ترڪي ۾ "حزمت” (خدمت) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.ان تحريڪ پنھنجي شروعات اسڪولن ۽ تعليمي ادارن کان ڪئي ۽ آهستي آهستي اھا ٻين شعبن ۾ بھ داخل ٿي وئي. بعد ۾ تحريڪ جي حامين ۽ ھمدردن  فوج ۽ ٻين سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون حاصل ڪرڻ شروع ڪيون.گولن جا حامي کيس اعتدال پسند اسلام جو انسان دوست نمائندو سمجهن ٿا، جيڪو پنھنجو نظريو ترڪي ۽ ٻين 140 ملڪن ۾  قائم اعليٰ درجي جي اسڪولن جي نيٽ ورڪ ذريعي پکيڙي رهيو ھو.

ترڪي جي ميڊيا موجب سوين ادارا بند ڪيا ويا ۽ هزارين فوجين کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو.برطرف ڪيل فوجي آفيسرن ۾ ترڪي جا اڌ جنرل ۽ ايڊمرل پڻ شامل هئا. 2016 جي ٿيل ڪريڪ ڊائون کان اڳ، گولن  تنظيم جا ماڻھو لڳ ڀڳ ملڪ جي هر اداري ۾ موجود هئا.

گولن جي تحريڪ ملڪ جي ادارن ۾ ڪيتري حد تائين پکڙيل هئي، ان جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته، 2009 ۾ ترڪي ۾ آمريڪي سفير طرفان موڪليل ڪيبل موجب ” اھا دعويٰ  ثابت ڪرڻ ناممڪن آهي ته (قومي پوليس تي) گولن تحريڪ جو قبضو آهي، پر اسان کي ڪو به اهڙو ماڻھو ناھي مليو جيڪو ان  ڳالھھ جي ترديد ڪندو ھجي“

1999 ۾ جاري ڪيل هڪ ڌنڌلي  وڊيو ۾، گولن کي اهو چوندي ڏسي سگهجي ٿو: ‘نظام جي شريانن ۾ داخل ٿي وڃو،طاقت جي سڀني مرڪزن تائين پهچي نه سگهڻتائين توھان بابت ڪنهن کي به خبر نه پوڻ گھرجي. ان وقت جو انتظار ڪريو جڏهن رياست جي سموري طاقت اوهان جي هٿن ۾ هجي “گولن دعويٰ ڪئي ته سندس لفظن کي اصل پس منظر ھٽي ڪري پيش ڪيو ويو.ڪجهه ترڪي  جي صحافين کي اهڙي نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪرڻ جي ڪوشش جي ڏوھ ۾ ڪيسن کي منھن ڏيڻو پيو.انهن مان  هڪ اسماعيل سايماز آهي.ماضي ۾ بي بي سي جي مارڪ لوئن سان ڳالهائيندي هن چيو ته” گولن تحريڪ رياست کي اندر کان گهيرو ڪري ان تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي. اهي هٿياربند ويڙهاڪ نه آهن پر ججن، استادن، پوليس، ايم ايل ايز ۽ واپارين جي روپ ۾ موجود آهن“ساڄي ڌر جي حڪومتن گولن جي پوئلڳن کي سيڪيولر فوج خلاف استعمال ڪيو آهي. هن تحريڪ کي سڀ کان وڌيڪ طاقت رجب طيب اردگان جي دور ۾ ملي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.