جسٽس يحيٰ آفريدي نئون چيف جسٽس آف پاڪستان نامزد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جسٽس يحيٰ آفريدي ملڪ جو نئون چيف جسٽس نامزد ٿي ويو آهي. پارلياماني ڪميٽي ٻه ڀاکي ٽي جي اڪثريت سان جسٽس يحيٰ آفريدي کي چيف جسٽس نامزد ڪري ڇڏيو آهي. 26هين آئيني ترميم تي عملدرآمد کانپوءِ نئين چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري لاءِ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ راجا پرويز شريف، فاروق ايڇ نائيڪ، سيد نويد قمر، ڪامران مرتضيٰ، رعنا انصار، احسن اقبال، شائستا پرويز ملڪ، اعظم نذير تارڙ ۽ خواجا آصف شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت نه ڪئي. پارلياماني ڪميٽي جسٽس يحيٰ آفريدي کي نامزد ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.